رانديون

پاڪستاني جبل چاڙهن ٻھ بلند ترين چوٽيون فتح ڪري ورتيون

پاڪستاني ٻن جبل چاڙهن ڌارم ڌار ٻھ دنيا جون بلند ترين چوٽيون فتح ڪري اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق گلگت بلتستان جي عبدالجوشي 8 هزار 849 ميٽر بلند دنيا جي سڀني کان وڌيڪ اوچائي واري چوٽي ايورسٽ کي فتح ڪري ورتو آهي. هن اهو اعزاز صبح جو 6 لڳي 40 منٽن تي سرانجام ڏنو آهي. جڏهن تھ شهروز ڪاشف وري نيپال ۾ 8516 ميٽر بلند چوٽي لهوٽسي تي جهنڊو کوڙي ڇڏيو آهي. هوڏانهن الفائن ڪلب پاڪستان جي سيڪريٽري قرار وحيد چيو آهي تھ اسين دنيا جي بلند ترين چوٽي ايورسٽ فتح ڪندڙ عبدالجوشي کي مبارڪباد ڏيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button