رانديون

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ون ڊي ميچ شام جو ڪرائڻ تي غور

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ون ڊي ميچ شام جو ڪرائڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ملڪ اندر گرمي ۾ شدت اچڻ ۽ هيٽ ويو جي خدشي بعد پي سي بي هوم سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي آڻڻ تي ويچاريو آهي. زريعن جو چوڻ آهي تھ ون ڊي ميچون شام جو 5 وڳي کان شروع ڪرائڻ جي تجويز تي بورڊ ڪم شروع ڪيو آهي، اهي ميچون عام طور تي ڊي نائيٽ ۽ منجهند جو 2 وڳي شروع ٿينديون آهن. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ رالپنڊي ۽ ملتان ۾ گرمي پد 40 ڊگري کان بھ مٿي ٿيڻ سبب ميچن جي وقتن ۾ تبديلي جي تجويز آئي آهي. جڏهن تھ رانديگرن کي ڪولنگ ڪالر ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button