هن مضمون ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ اسين جنهن دور ۾ رهون پيا، اهو nonfiction جو دور آهي، جنهن جي تصديق ڪوبه پبلشر يا ڪتاب وڪرو ڪندڙ ڪري وٺندو. يا کڻي ائين چئجي ته اڄ جو افسانوي ادب افسانويت کان ڏاڍو پري ٿي بيهي رهيو آهي. اڄ جا اديب گهڻي ڀاڱي ايلينا فرنيٽ ۽ نائوسگراڊ جهڙن حقيقت نگارن کان وڌيڪ متاثر نظر اچن ٿا. اهڙو افسانوي ادب تخليق ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هر هر اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته واقعا، حادثا ۽ ماحول جيڪڏهن ليکڪ جي پنهنجي ماحول وارا نه به آهن ته هن جي آس پاس واري ماحول جا ضرور آهن. هن مضمون ۾ وڌيڪ اهو لکيو ويو آهي ته ڪيترائي سال اڳ مشهور چيڪ ليکڪ ميلان ڪنڊيرا پنهنجي هڪ مشهور مضمون ۾ ناول جي حوالي سان ٻن اهم ڌارائن جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کي هن two parents of novel جو نالو ڏنو، هڪ ٽرسٽرم (Tristram) ۽ ٻيو شينڊي (Shandy). ڪنڊيرا لکي ٿو ته سيمئول رچرڊسن جي ناول Clarissa سان حقيقت نگاري وارو ناول سگهارو ٿيو، جڏهن ته لارنس اسٽرن جي ناول The Life and opinions of Tristram Shandy جو ناول حقيقت نگاريءَ جي ابتڙ هو. پر دنيا ۾ Clarissa (حقيقت نگاري وارو ناول) جا ٻار وڌي ويا ۽ سموري دنيا ۾ پکڙجي ويا ۽ ادبي دنيا تي حاوي رهيا. ان مضمون ۾ ڪنڊيرا اهو خيال ظاهر ڪري ٿو ته هاڻي حقيقت نگاري وارو ناول گهڻو ئي لکيو ويو، هاڻي ان مان ليکڪن کي جان ڇڏائڻ گهرجي، ان قسم جي ناول جو هر پاسو ڳولي لڌو ويو آهي ۽ هاڻي ان ۾ ڪا به نواڻ نٿي ڳولي سگهجي، جنهن جي ڪري ناول هڪجهڙائيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ناول نگار حقيقت نگاريءَ کان پاسيرو ٿي ٻئي قسم جو ناول لکن، جنهن جي ڪيترن ئي نئون پاسن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. ڪنڊيرا جو اهو به خيال هو ته حقيقت نگاري وارا ناول ايترا ته لکجي چڪا آهن جو پڙهندڙ کي انهن مان ڪو به نئون خيال يا نئين ڳالهه نٿي ملي. جيڪڏهن ڪنڊيرا جي ان ڳالهه کي وٺجي ته پو حقيقت نگاري پنهنجي هجڻ جو ڪارج وڃائي ويٺي آهي، اهو پڙهندڙ جي جمالياتي سگهه ۽ تخيل تي ڪو به اثر نٿو ڇڏي ۽ جيڪڏهن افسانوي ادب اهي ٻه اهم ڪم نٿو ڪري سگهي ته پو ان جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
ننڍي هوندي کان ئي ٻار ڪهاڻين سان محبت ڪرڻ لڳندا آهن، اهي ڪهاڻين جي دنيا ۾ رهڻ لڳندا آهن ۽ وري وري ساڳيون ئي ڪهاڻيون ٻڌڻ گهرندا آهن، هنن کي ڪهاڻين جي طلب بلڪل ائين ئي ٿيندي آهي جيئن ماني جي. اهي ڪهاڻيون ٻارن اندر هڪ اهڙي طاقت کي نروار ڪنديون آهن، جيڪا سڄي عمر انهن جو ساٿ ڏيندي آهي ۽ اها طاقت “تصور ۽ تخيل” جي طاقت آهي. اهي ڪهاڻيون انسان جي اندر لڪل وحشي جانور کي قابو ۾ رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو افسانوي ادب نه پڙهندا آهن، اڪثر ڪري اهي پنهنجي اندر ويٺل وحشي جانور تي قابو نه ڪري سگهندا آهن ۽ سماج لا هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. جيئن ترڪي جي مشهور ناول نگار ايلف شفق پنهنجي ڪتابچي How to stay sane in an age of division ۾ ڪهاڻيءَ جي سگهه جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته:
1- ڄاڻ لا پڙھڻ جي ضرورت پوندي آھي…. ڪتاب، گهرائيءَ سان ڪيل تجزيا ۽ تفتيشي صحافت کانپو وري ڏاهپ آھي، جيڪا ذھن ۽ دل کي ڳنڍندي آھي، احساتي دانائيءَ کي اجاگر ڪندي آھي. همدرديءَ کي وڌائيندي آھي، ان لا اسان کي ڪهاڻين ۽ ڪهاڻي پڻي جي گهرج پوندي آھي.
-2 ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته اسين ڏکي وقت ۾ رهون پيا ۽ انفرادي توڙي گڏيل طور اسان ڪيترين ئي شين کي منهن ڏئي رهيا آھيون. پر پو به هڪ پل لا تصور ڪيو ڪتابن، ڪهاڻي ۽ همدردي بنا دنيا رهڻ لا وڌيڪ وکريل ۽ هيڪلي نه هوندي.
-3 هڪ ناول نگاره طور مان سمجهان ٿي ته ڪهاڻين ۾ ماڻھن کي هڪ ڪرڻ جي غير معمولي سگهه آھي، اهي اسان جي تخيلاتي سگهه کي وسيح ڪنديون آھن ۽ ھوريان هوريان اسان جي همدردي ۽ ڏاهپ جي اصلي سگهه کي کولي ڇڏينديون آھن.
-4 ڪهاڻيون اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪنديون آھن ۽ اڻ ٻڌايل ڪهاڻيون اسان کي ڌار رکنديون آھن.
-5 اسان ڪهاڻين جا ٺهيل آھيون، اهي جيڪي ٻڌائجي چڪيون آھن،اهي جيڪي هن گهڙي ٻڌائجي رهيون آھن ۽ اهي جيڪي نج پج اسان جي تخيل ۾ لفظن، تصويرن، خوابن ۽ اسان جي چوڦير جي دنيا ۽ اها دنيا ڪهڙي نموني ڪم ڪري ٿي بابت آھن، ڪهاڻي نه ٻڌائي سگهڻ، ماٺ ۽ بند رهڻ مطلب غير انسان ٿي وڃڻ آھي، ائين ڪرڻ اوهان جي هجڻ کي ڌڪ رسائيندو آھي، اوهان جي ڏاهي هجڻ تي سوال اٿاريندو آھي ۽ اوهان کي چڙچڙو ڪري ڇڏيندو آھي. پنهنجو آواز وڃائڻ سان اسان جي اندر ڪا شيءِ مري ويندي آھي.
سچ ته ڪهاڻين ۾ ڏاڍي سگهه آھي، اهي نه رڳو اسان جي پر اسان سان گڏ ٻين ماڻھن جي زندگين ۾ به خوشگوار بدلاءُ آڻينديون آھن.
پر اهي ڪهاڻيون ڪهڙيون آهن ۽ اهي ڪٿان اچن ٿيون؟ سچ اهو آهي ته اهي اصلي ڪهاڻيون هن ڀوائتي حقيقي دنيا کان ڏاڍيون پري آهن. انهن ڪهاڻين جي ڳولا ۾ اسان کي Wonder Land تائين وڃڻو پوندو. هتي مون کي هڪ قصو ياد اچي رهيو آهي، هي قصو هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار جو آهي، ائين ته هي قصو ڇهن راتين جو آهي، پر مان هتي رڳو ٽن راتين جو ذڪر ڪندس. هڪ اهڙو نوجوان ڪهاڻيڪار جنهن حقيقت نگاري واري ڌارا ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻيڪارن کان متاثر ٿي هن به سياسي نعري بازيءَ کي ئي حقيقي ادب مڃي ورتو. پر هو من اندر ۾ ان مان مطمئن ڪونه هو، هو هر وقت حقيقي ڪهاڻيءَ لا تڙپندو رهندو هو، کيس پنهنجيون حقيقت نگاري واريون ڪهاڻيون پڙهي لڳندو هو ته “اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي….”
(هلندڙ)