ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ويراڳي درياھه ۽ گُلاب

Editorial-Article-Irshad Leghari

جيتوڻيڪ هي ڪو پهريون ڀيرو ته نه هو جو سندس محبتن جي ڦُلواڙي تي سَرءُ ڇانئجي وئي هجي، ايئن اڳي به ڪئين ڀيرا ٿيندو رهيو آهي ۽ هي وري وري به گُل پوکيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته گُرو پاران کيس هدايت ئي اها ٿيل آهي ته: “ڏس ياد رک!! توکي ان بازار ۾ گُلابن جو هوڪو ڏيڻو آهي، جنهن بازار ۾ رڳو ئي رڳو خنجر وڪامن ٿا. ڀل توکان ڪير به گُلاب نه وٺي پر توکي وري به گُلابن جو ئي هوڪو ڏيڻو آهي. اهو ان ڪري جو ان بازار ۾ هر ڪوئي گروهي توڙي ذاتي منافعي جي چڪر ۾ خنجرن جو ڪاروبار ڪرڻ وارو آهي پر پنهنجو سنگ جيئن ته نفرتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ارپيندڙ آهي، تنهن ڪري توکي فقط گُلابن جي ئي پوکي ڪرڻي آهي ۽ گلابن جو ئي هوڪو ڏيڻو آهي بس”
سو هو ڪالهھ خنجرن جي واپار واري بازار ۾ گلابن جو هوڪو ڏيئي، لٿي سج واري پهر ۾ جيئن ئي آشرم پهتو ته گُرو جي ڪنهن سان هي رهاڻ جاري هئي:
” ڏس!! آئون ٻي ڪنهن سان نه، بس توسان ئي مخاطب آهيان!! تون جيڪو هڪ هاري جي روپ ۾ رهي چڪو آهين ۽ تنهنجون ڪيتريون ئي جوڳون پڻ پُڄايل آهن. توکي چڱي ريت خبر آهي ته ڪهڙي پهر ۾ جوڳ جوٽبي آهي ۽ ڪهڙي پهر ۾ کولبي آهي. ڪوڙو ڏاند ڪوڙو ڪيئن هوندو آهي ۽ سچو ڪيئن!؟
تون ڄاڻين ٿو ته ريج چڙهي وڃڻ کان پوءِ ٻج ڇٽڻ ڪيئن اجايو ويندو آهي ۽ پوک کي مهل سان پاڻي ڪيئن ڏبو آهي. جهار ڪيئن هڪلبي آهي ۽ لابارو ڪيئن ڪبو آهي. تنهن ڪري توکي ٿو چوان ته پنهنجي پيار جي پوکي جون گهرجون، هن ديس جي طاماعو طبقي کي سمجهھ ۾ نٿيون اچي سگهن، پوءِ هو ڀل کڻي دنيا جي سياسي تاريخ جا ڪيترن ئي ڪتابن جا سَٿا رٽي ڇو نه هلندا هجن.
تنهن ڪري ٿو چوان ته اها ڳالهه تون سمجھه ته اڄ سنڌ جي محڪوميت ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ جيڪي به ڌُريون پنهنجي پنهنجي پَر ۾ پِڙ ۾ لٿل آهن، تن ڌرين مان اڪثريت اجايو پاڻيءَ جي ولوڙ ۾ رُڌل آهي. انهن جي سمجهھ سَباڻ کان خالي آهي، تنهن ڪري اهي سندي ذات جي دائري کان اڳتي نڪري ڪجھه ڪرڻ ئي نٿيون چاهين ۽ ٻيو ته انهن کي پُورب واري پنڌ جي سُتي به ته ناهي پيل!!
ها پر تون جيڪو پنهنجي پورهيت وڏڙن جي پورهئي کان واقف آهين، ۽ سندن ور کنجيل اگهاڙن پيرن واري پنڌ جا پُور پڻ نه وساريا اٿئي، سو هاڻ اُٿي!!
اُٿي ۽ ماٺ نگر جي نيري وادي ۾ نڪري انهي خواب جي آبياري ڪر جيڪو خواب دنيا جي سمورن مظلوم ۽ محڪوم قومن/طبقن جي حقيقي آجپي جو گڏيل خواب آهي.
ها باقي جيڪي چون ٿا ته ان خواب جي لاءِ حالتون سازگار ناهن، تن کان پُڇ ته اهي سازگار حالتون ڇا هونديون آهن؟
جڏھن توهان کان اڳئين نسل ڪاري اونداهي رات ۾ صبح جا گيت ٿي ڳاتا
ڇا تڏهن حالتون سازگار هيون!؟
ڪوڙا ۽ ڪوڙڪيون
ڦاهيون ۽ ڦٽڪا انهي دور ۾ نه هئا ڇا؟ هينئر اهڙو نئون ڇاهي ڀلا!؟
ڪجهه به ته ناهي.
پوءِ به اڳتي ڪو نٿو ڪاهي، اتي جو اتي ئي هڻ وٺ آهي ۽ ان هڻ وٺ جو هڪڙو ئي مقصد ايئن نظرجي ٿو ته:
“سنڌ جي نالي بهاني ۾ سُک گهرجي”
سو تون جو هڪڙو هاري آهين تو لاءِ سُک وري ڇا جا؟ اچ، کڻ ڪهاڙي ۽ ٻيانو
هل ته هلي ٿا ٻيهر کيڙيون!!
پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي!!
۽ ياد رک!! ايئن پيار جي اهڙي پوکي ۾ پاڻ سان ئي ڪاهيندي، پُور پچائيندي اڪثر اولهھ ۾ سج اُلهي ٿو ۽ سڄو اُڀ لال گلاب ٿيو وڃي.
۽ پوءِ اندر ۾ انهي “مدن – مست” جهڙي مهل جي ڳولا اُڌما ٿي کائي جنهن جو ذڪر اياز ڪڏهن هيئن ڪيو هو ته:
“ڪالھه سارو ڏينهن اروڙ ۾ گذريو. اسان محمد بن قاسم جي تعمير ٿيل مسجد وٽ بيهي، هيٺ تليءَ جي ميدان ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين، جتي راڻي لاڏي عربن سان وڙهندي مُئي هئي. اُن وقت مينهن ڦڙيون وسيون ۽ ڪاريون گهٽائون آسمان ۾ زخمي هاٿين وانگر راڙا ڪندي ڌوڪينديون آيون. منهنجو دوست هڪ پهاڙي ٻُوٽي پٽي آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته “هي سنگهي ڏس”. مون ان کي سنگهيو ته ان مان تکي تکي سهاڳ رات جهڙي سڳنڌ اچي رهي هئي. هن مون کي ٻڌايو ته ان ٻُوٽي کي اروڙ جا رهواسي “مدن – مست” چوندا آهن.”
۽ چون ٿا ته جتي راڻي لاڏيءَ جو رت ڪريو هو اتي پهريون ڀيرو مدن – مست جا ٻوٽا ڦُٽا هئا.”
سو تون مسلسل ڪاهيندو هل، هلندو هل ان پختي ويساھه سان هلندو هل ته سنڌ وري هڪ راڻي لاڏيءَ کي جنمڻ واري آهي!؟ ۽ وري اروڙ جي آسٿان مان اهڙي رڙ گونجڻ واري آهي، جيڪا تاريخ جا سمورا وهنوار سِڌا ڪري، سنڌ جو سُهاڳ موٽائيندڙ مهل ۾ سنڌ جي جواني کي مدن – مست جي سڳنڌ سان سدائين لاءِ واسي ڇڏيندي!!
پُختو ويساهه رک ته اهو ڏينهن اوس اچڻو آهي جيڪڏھن پاڻ آجپي واري آدرش جي پيار واري پوکي سان نڀائيندا هلون. ايئن جيئن مرشد فرمايو آهي ته:
وَصلُ تنهن وِڃائيو، سيِنڌِ، سُرمي سيِئَن
سا لوُٽيِ ليِلان جيِئَن، مَڻِيو جنهن مِٽُ ڪَيو.
تنهن ڪري ڇڏ انهن کي جيڪي مڻيي پٺيان آهن ۽ ڳول اهي مڻيادار کاهوڙي، جن جون نشانيون مرشد هيئن بيان ڪيون آهن:
کَڻنِ نه ڪيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَليا
ڏوٿِيڙا ڪَنهن ڏُٿ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ
کاهوڙِين اُهڃاڻ، اَنگِ نه سَڄي اَڳڙي.”
ايئن گروءَ ڳالهھ پوري پڄائي، دنگ ڪئي ته سج به اُلهي ويو ۽ هن گُروءَ کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو:
“سائين هي جيڪي گُل باقي آهن تن گُلابن جي ٽوڪري درياهھ بادشاھه جي حوالي ڪري اچان، جنهن فقير جي وجود مان رڳو اڄڪلھه واري جا طوفان ٿا اُٿن؟”
گُرو فرمايس: هائو
۽ هو گُلاب کڻي درياهھ ڏانهن روانو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button