رانديون

پاڪستان ويمن ۽ سريلنڪا ۾ پهريون ٽي 20 اڄ کيڏيو ويندو

پاڪستان ويمن ۽ سريلنڪا جي ويمن ٽيمن ۾ پهريون ٽي 20 ميچ ڄ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪاميابي جو ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن عزم ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڪپتانن بسما معروف ۽ چماري اتاپٽو وچ سمنڊ ۾ ٽرافي جي مهورت ڪئي آهي،

پاڪستان ويمن ۽ سريلنڪا جون ڪپتان ٽرافي کڻي بيٺل آهن

جنهن جون تصويرون پڻ پي سي بي شيئر ڪري ڇڏيون آهن. سريلنڪا جي ٽيم اوديشڪا پرابوڌاني دستياب ناهي. جڏهن تھ ٽيم فٽنيس جا مسئلا آهن. سريلنڪن ويمن ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ کيڏندي، ٻنهي ٽيمن ۾ هن وقت تائين 13 ميچ ٿيا آهن،

پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ڪپتان ٽرافي سان گڏ جهاز ۾ آهن

جن مان ٻنهي 6،6 ميچ کٽيا آهن. هوڏانهن پاڪستان جي ڪپتان بسما معروف چيو آهي تھ فٽنيس ۽ پاور هٽنگ جا مسئلا آهن، پر ٽيم ۾ ڪو اختلاف ناهي، تنهنڪري اسان مخالف ٽيم کي آسان نھ سمجهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button