رانديون

ويسٽ انڊيز خلاف پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز جي حوالي سان پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز خلاف راوالپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ 8 جون کان رٿيل ون ڊي سيريز کيڏڻ واري ٽيم ۾ عثمان قادر ۽ آصف آفريدي شامل نھ ٿي سگهيا آهن. جڏهن تھ شاداب خان، محمد نواز ۽ عبداللھ شفيق جي فٽ ٿيڻ تي اهي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا، پر سعود شڪيل فٽ نھ ٿي سگهڻ سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. پي سي بي جي پڌرائي موجب ون ڊي اسڪواڊ ۾ ٽي اوپنر، 3 مڊل آرڊر بيٽرز ، 2 وڪيٽ ڪيپر، 3 اسپنر ۽ 5 تيز بالرن کي شامل ڪيا ويا آهن.

پاڪستاني ڪرڪيٽر پريڪٽس ڪندي

هوڏانهن چيل سليڪٽر محمد وسيم جو چوڻ آهي تھ، 8، 19 ۽ 12 جون تي ٿيندڙ ون ڊي ميچ آئي سي سي ورلڊ ڪو سپر ليگ جو حصو آهن، تنهنڪري دستياب رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي. جڏهن تھ ضرورت پوڻ تي ٻيا رانديگر کڻي سگهجن ٿا. جڏهن ته اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، فخر زمان، حارث رائوف، حسن علي، افتخار احمد، امام الحق، خوش دل شاهه، محمد حارث، محمد رضوان، وسيم جونئير، شاهين آفريدي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود پڻ اسڪواڊ ۾ جگهه ٺاهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button