رانديون

کورواھه ۾ هلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ پڄاڻي تي پهتي

کورواھه: کورواھه ۾ هلندڙ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ختم، لاڙ ڪوهستان ۽ قلندري اليون ميدان ماري ورتو، ٽورنامنٽ جي پهرين ميچ ۾ قلندري اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽينگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ بجاري هيروز 3 وڪيٽن تي 86 رنسون ٺاهي سگهي.

جڏهن ته ٻي ميچ ۾ جيو جاکرا گولاڙچي پهرين بيٽينگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 1 وڪيٽ جي نقصان تي 111 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ لاڙ ڪوهستان 6 اوورن ۾ ڏنل هدف حاصل ڪري ورتو، ٽورنامنٽ کٽيندڙ ٽيمن کي آرگنائيزر امجد طرفان ٻه موٽرسائيڪل انعام طور ڏنا ويا، ميچ کٽيندڙن ٽيمن جي رانديگرن آتشبازي پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button