رانديون

پاڪستان ويمن سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

پاڪستان ويمن سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ويمن ٽيم ٻي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تي 102 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ حيسني پريرا 35 رنسن سان نمايان رهي. جڏهن تھ نلاڪشا ڊي سلوا 21، هرشيٿا مداوي 16 رنسون ٺاهيون، سريلنڪا جون 5 بيٽر تھ ڊبل فگر ۾ اچڻ بنا ئي پويلين واپس هليون ويون. پاڪستان جي عائشا نسيم 45 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪپتان بسما معروف 22 رنسون ٺاهيون. اهڙي ريت منيبا علي 17، ارم جاويد 11 رنسون ڪيون، گل فيروزا هڪ رنس تي آئوٽ ٿي. ميچ ۾ پاڪستان جون ٽي بيٽر آئوٽ ٿي سگهيون، جنهن بعد اڪستان 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button