رانديون

پاڪستاني ويمن ٽيم جنوري ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي

پاڪستان جي ويمن قومي ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي، جنهن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي دوري دوران ٽيم جي حوالي سان 16 کان 29 جنوري تائين 3 ٽي 20 ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز رٿي وئي آهي، جنهن تحت ون ڊي ميچ 16، 18 ۽ 21 جنوري، ٽي 20 جا مقابلا 24، 27 ۽ 29 جنوري تي کيڏيا ويندا. آئي سي سي جي ويمن چيمپيئن شپ سائيڪل جي ڏس ۾ پاڪستان جي ويمن ٽيم آسٽريليا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جو دورو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button