رانديون

آسٽريلوي ٽيم نئين سيزن ۾ ڀارت سميت 6 ٽيمن خلاف کيڏندي

آسٽريلوي ٽيم ڪرڪيٽ جي نئين سيزن ۾ ڀارت سميت 6 ٽيمن خلاف سيريز کيڏندي، جنهن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا 7 جون کان 4 جنوري 2023ع تائين جي سيزن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول تحت آسٽريلوي ٽيم 7 جون کان 12 جولائي تائين سريلنڪا ۾ وڃي کيڏندي، ڀارت خلاف سيريز بھ سيپٽمبر ۾ ٿيندي، زمبابوي خلاف سيريز بھ رٿيل آهي، نيوزيلينڊ سان ون ڊي سيريز 6، 8 ۽ 11 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. اهڙي ريت  ويسٽ انڊيز سان 5 ۽ 7 آڪٽوبر تي ميچ ٿيندا، انگلينڊ خلاف آڪٽوبر ۾ وارم اپ ۽ ون ڊي سيريز کيڏي ويندي، ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز 17 ڊسمبر کان 4 جنوري 2023ع تائين هوندي. جڏهن تھ آسٽريليا جي ويمن ٽيم پڻ برمنگهم گيمز ۾ شريڪ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button