فيفا ورلڊ ڪپ جي قطر واري ايونٽ کي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ هن وقت تائين جو مهانگو ترين ايونٽ قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق جاگرافيائي طور گرم قطر ۾ ميدان کي ٿڌو رکڻ تي وڏو خرچ ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ هتي سردين ۾ بھ باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ گرمي پد وڌيڪ رهي ٿو ۽ گرمين جي مند ۾ اهو گهڻو وڌي ويندو آهي، جيڪو ٿڌن ملڪن جي رانديگرن کان شايد برداشت نھ ٿي سگهي، تنهنڪري ورلڊ ڪپ جي هر ميدان کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو آهي، جنهن جي مد ۾ انفرااسٽرڪچر تي 200 بلين ڊالر خرچ ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close