رانديون

سريلنڪا جي دوري کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي شديد ڌچڪو

سريلنڪا جي دوري تي روانگي کان پهرين آسٽريلوي ٽيم کي شديد ڌچڪو لڳو آهي، ٽيم پنهنجي هيڊ ڪوچ کان محروم ٿي وئي آهي. آسٽريلوي ميڊيا موجب ڪولمبو روانگي کان اڳ اينڊريو ميڪڊونلڊ جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن ڪري کيس 7 ڏينهن تائين ميلبورن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. آسٽريلوي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ جي ڪرونا ٽيسٽ ٻيهر ورتي وئي، جيڪا منفي اچڻ بعد هو ٽيم جو حصو بڻجي سگهندو. ٻئي پاسي ٽي-20 سيريز جي شروعاتي ميچ ۾ معاون ڪوچ مائيڪل دي وينو سندس جا تي ذميواري سنڀاليندو، ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز جي باقاعده شروعات 7 جون تي ٿيندي. واضح رهي ته ميڪڊونلڊ پاڪستان خلاف سيريز ۾ عبوري ڪوچ هو، جنهن کي باقاعده طور تي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button