![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/06/ukraine-football-e1654174841992-780x470.jpg)
يوڪرين جي فٽبال ٽيم پنهنجي فتح کي ملڪ جي فوجين جي نالي ڪري کين زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ميڊيا مطابق اسڪاٽ لينڊ خلاف فٽبال ميچ کٽي يوڪرين ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو هو، جنهن کي انهن پنهنجي فوج ۽ شهرين کي ارپيو آهي. ٽيم جي ڪوچ اليگزينڊر پيٽراڪوف چيو آهي تھ هن ٽيم جي فتح يوڪرين جي هئي، ڇوتھ اسان گهرن ۾ واپسي چاهيندڙ يوڪريني شهرين خاطر کيڏندا آهيون.