رانديون

آل رائونڊر شاداب خان لاءِ فٽنس مسئلا خراب خواب بڻجي ويا

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان لاءِ فٽنس مسئلا خراب خواب بڻجي ويا آهن. آل رائونڊر جو چوڻ آهي ته جڏهن به پرفارمنس جو گراف بلند ٿيڻ لڳندو آهي ته هڪ نه ٻيو زخمي ٿي ويندو آهي، آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ شرڪت جو موقعو وڃائڻ تي مايوسي ٿي آهي. هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم ۾ ڪم بيڪ کي ياد ڪرڻ لاءِ پراعتماد آهيان. قومي ون ڊي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان وڌيڪ چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز انتهائي اهم آهي، ڪوشش ڪنداسين ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ سخت چيلينج ٿي سگهي ٿي، انجريون ڪيريئر جو حصو هونديون آهن پر هاڻي مان ان جو عادي ٿي چڪو آهيان، ڏيکارڻ جو بهترين موقعو هو پر فائدو نه وٺي سگهيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button