ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ٿيندڙ احتجاج

Editorial

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوام ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ آهي. هاڻي جنهن جو اظهار ڪرڻ به هن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪلهوڪين اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌريون ۽ رهواسي روڊن تي نڪري آيا، وفاقي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي ۾ اڳواڻي گورنر عمران اسماعيل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوآدم ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪلوئي ۾ مٺي ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ علائقي واسين مظاهرو ڪيو. سرهاڙي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. غلام نبي شاھه ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ماتلي ۾ شھرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ميرپور بٺورو ۾ پريس ڪلب صوفي شاھه عنايت اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ڏيپلي ۾ شھري اتحاد پاران پريس ڪلب کان بدين اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جاتي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي، ملاح اتحاد ۽ پورھيت تنظيمن جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران ريلي ڪڍي وئي. راڌڻ ۾ شهرين قميص لاهي احتجاج ڪيو. ٿرڙي محبت ۾ پورهيتن پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن سياسي پارٽي جي ڪارڪنن گهنٽاگهر چوڪ کان ريلي ڪڍي. ميروخان ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين ريلي ڪڍي. وارهه ۾ ڌرڻو هنيو. قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان مظاهرو ڪيو ويو. خانپور مهر ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا، شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. ڪنڊيارو ۾ آل پارٽيز الائينس پاران نيشنل پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ سياسي ڪارڪنن ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي. ٻٻرلو با پاس تي شھرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ٻٻرلوءِ قومي شاھراھه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي ۽ سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. خيرپور ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڪارڪنن پاران مظاهرو ڪيو ويو. اڳڙا ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پٺاڻا پئٽرول پمپ کان پريس ڪلب اڳڙا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. سڪرنڊ جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران پاران مظاهرو ڪيو ويو. نوان جتوئي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن جي ايم سيد چوڪ کان موٽر سائيڪل جي علامتي جنازي سان احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي اڳ ۾ چوٽ چڙهيل آهي، پر شهباز حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هر هفتي پيٽروليم شين ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، عوام هن حڪومت جو خاتمو چاهي ٿو.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ۽ چيئرمين ڊائيس جو گهيراءَ ڪري نعريبازي ڪئي. مخالف ڌر ميمبرن پنهنجي هٿن ۾ پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا، جنهن تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نامنظور جا نعرا لکيل هئا.
جڏهن ته تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ انٽرسٽي، انٽرا سٽي بسن ۽ رڪشن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. مسافرن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ رڪشي ۾ ڪجهه پنڌ تي به ڏيڍ سئو رپيا ڀاڙو ورتو پيو وڃي. رڪشي ڊرائيورن جو موقف آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان سواري گهٽجي وئي آهي ۽ مسافر گهٽ ڀاڙو ڏيڻ تي زور ڀرين ٿا. ٻئي پاسي انٽرسٽي بس جي ڪرائي ۾ 100 کان ڏيڍ سئو رپيا واڌ ڪئي آهي جڏهن ته شهر ۾ هلندڙ بسن ۽ ڪوچز پنهنجو ڪرايو 15 کان 20 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آهي.
اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته تيل اگهن ۾ ڪيل واڌ جلد واپس وٺي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اوهان جيڪي اپوزيشن ۾ هئڻ دوران عوام سان واعدا ڪيا هئا، اهي پاڙڻ جو هاڻي وقت اچي چڪو آهي. نڪي عوام جو رت چوسيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button