ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اگهن ۾ واڌ کان پوءِ

Editorial-Article- Adil Jameel

هڪ هفتي ۾ پيٽرول اگهن ۾ 60 رپيا واڌ کان پو نام نهاد اپوزيشن ۽ نالي ماتر شهباز سرڪار هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. هڪڙو تماشو جمعي تي سينيٽ ۾ به ڏسڻ لاءِ مليو.
سينيٽ ۾ اپوزيشن پئٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف علامتي واڪ آئوٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبرز سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو، جنهن دوران نعريبازي به ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين وارننگ ڏني ته جيڪو ميمبر پنهنجي سيٽ تي واپس نه ويندو، ان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏيندس. سينيٽ چيئرمين جي وارننگ کانپوءِ اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي واپس وڃي احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف موجوده حڪومت کي ڏنڊا هڻڻ شروع ڪيا آهن. حڪمران عوامي مفادن ۾ آءِ ايم ايف اڳيان بيهي نه سگهيا. سينيٽر مشتاق احمد به پنهنجي سيٽ تي بيهي رهيو، هن چيو ته اها ڪهڙي مخالف ڌر آهي جيڪا مون کي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏئي رهي آهي. اڄ اهي احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪالهه پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اهي ماڻهو به قيمتون وڌائي رهيا هئا. سينيٽر دنيش ڪمار به سينيٽر مشتاق احمد جي سيٽ تي پهچي ويو ۽ چيو ته مخالف ڌر کي سينيٽر مشتاق احمد کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. احتجاج جو اهو طريقو ٺيڪ نه آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو به ميمبر لائين ٽپندو ته ان کي معطل ڪيو ويندو. احتجاج ڪرڻو آهي ته پنهنجي سيٽن تي ڪن. هن سينيٽر فيصل جاويد کي چيو ته جيڪڏهن توهان نعريبازي ڪئي ته آئون ان جي خلاف ميمبرشپ جو معاملو اليڪشن ڪميشن تائين کڻي ويندس ۽ توهان کي ڪڍرائي ڇڏيندس. سينيٽ چيئرمين سينيٽر بهره مند تنگي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان به منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺو. قائد ايوان سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سڄو ملڪ انهن جو احتجاج ڏسي رهيو آهي،انهن وٽ ته ڪورم نه آهي. اهي 12 ماڻهو ڪيئن ايوان هلائيندا. اسان عوام مان آهيون ۽ عوام ۾ رهنداسين. ايوان جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي مسلسل احتجاج تي سينيٽ چيئرمين ڪاوڙجي ويو ۽ سينيٽر فيصل جاويد ان سان گِلا ڪئي ته مخالف ڌر ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي. چيئرمين چيو ته توهان پنهنجو احتجاج ڪندا رهو، ان دوران حڪومتي ميمبر تقريرون ڪندا رهندا. سينيٽ سينيٽر دنيش ڪمار کي تقرير جو موقعو ڏنو ته ان جي تقرير دوران به مخالف ڌر ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته گذريل رات ملڪ تي پيٽرول جي قيمت وڌائي راتاهو هنيو ويو. اسان جي التوا واري رٽ کي پهريان وٺو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پهريان سوالن وارو وقفو ڏسون ٿا پوءِ ان تي ڳالهايون ٿا. سينيٽر اعطم سواتي چيو ته چيئرمين ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي اپوزيشن ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. جڏهن ته قائد ايوان اعظم نذير تارڙ اپوزيشن کي واپس وٺي آيو. اجلاس دوران سينيٽ ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ تي سخت بحث ڪيو ويو. هن گهر ڪئي ته سمورا وزير اعلان ڪن اهي پنهنجي گاڏين ۾ سرڪاري پيٽرول نه ڀرائيندا. حڪومتي ميمبر پنهنجي کيسي مان پيٽرول ڀرائين. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته هاڻي ثابت ٿي چڪو ته هي ماڻهو ٻاهرين سازش تحت آيا آهن. شوڪت ترين عوام لاءِ 466 ارب جو رليف ڏنو هو، موجوده حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڻي واري وزير گيهه جا اگهه وڌائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته هن ايوان جي روايتن جي پاسداري ڪئي وڃي، هن ايوان کي جلسي گاهه نه بڻايو. هن چيو ته زبان اسان جي به سخت آهي، دامن اوهان جو به صاف نه آهي. اوهان آئي ايم ايف جي غلامي جو طوق وجهي ويا. آئي ايم ايف جا زنجير ٻڌي اوهان ايوان مان ڀڄي ويا. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پيٽرول ڊيزل ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ عوام دشمني آهي. حڪومت وٽ زهر کائڻ جا پئسا نه آهن پر ٻاهرين دورن تي وڃي رهيا آهن. اخبارن ۾ ڪروڙين رپين جي ذاتي مشهوري لاءِ اشتهار ڏنا ويا. پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هي پئسا توهان جي پيءُ جا هئا؟ 6 مهينن لاءِ سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري پيٽرول جي استعمال تي پابندي وڌي وڃي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم ڪمپنيون ڊيزل تي 70 ۽ پيٽرول تي 50 رپيا في لٽر ڪمائي رهيون آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ۾ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت کان ٻاهر هوندي هڪ رپيو وڌائڻ تي هي چوندا هئا، مهانگائي جو طوفان اچي ويندو پر هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ هڪ هفتي ۾ 60 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي. هن چيو ته اسان ته آءِ ايم ايف سان اٺن مهينن تائين وڙهياسين، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه فڪس ڪيا ۽ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي پر هاڻي نالائق ۽ گهٻرايل حڪومت اچي وئي آهي. شوڪت ترين ٻڌايو ته پلاننگ ڪري ڇڏي هئي ته روس کان سستو تيل وٺنداسين، ائين نه هو ته عوام تي 60 رپيا وڌائي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيون. هي روس ڏانهن نه ويندا ته ڇا روس پاڻ پيٽرول گهر ڇڏڻ ايندو؟ اڳوڻي ناڻي واري وزير دعويٰ ڪندي چيو ته پيٽروليم ڪمپنيون ڊيزل تي 70 ۽ پيٽرول تي 50 رپيا في لٽر ڪمائي رهيون آهن. هن چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ بدران عوام تي موجودا حڪومت تيل جي اگهن جو بار وڌو آهي.
جڏهن ته حڪومت پيٽروليم شين وارن اگهن ۾ واڌ کانپوءِ 35 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه هزار رپيا وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته 35 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ کي پنهنجي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو آهي ته هڪ رپئي جو بار به غريب تي نه پوڻ ڏينداسين. هن وقت هر 6 مان 4 خاندانن جي آمدني 37 هزار کان گهٽ آهي. هر غريب خاندان کي پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ 2 هزار ڏنا پيا وڃن. 40 هزار رپين تائين جي آمدني وارن غريب فردن کي سهولت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي مرضي سان اها رقم خرچ ڪري سگهن. مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي ويب سائيٽ تي عمران خان جو معاهدو اڄ به پيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ پيٽروليم شين جا جيترا اگهه وڌائڻا هئا اهي وڌائي ڇڏيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تڏهوڪي توانائي واري وزير هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ روس سان واپاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ پيٽروليم شين واري شعبي ۾ واپار جي درخواست ڪئي وئي هئي پر ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه ڪو معاهدو آهي ۽ نه ئي ڪنهن مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون آهن. جيڪڏهن 30 سيڪڙو سستو تيل ملي رهيو هو ته پي ايس او جي ٽينڊر ۾ ڇو نٿو اچي؟ پاڪستان کي بربادي ۽ تباهي کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا آهن. دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو مهانگو پيٽرول خريد ڪري سستو وڪرو ڪري. حڪومت 40 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي. ساليانو 2500 ارب رپين جي سبسڊي برداشت نٿي ڪري سگهجي. معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳندا. روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڪوئي معاهدو ۽ ايم او يو موجود نه آهي. هن چيو ته نه ان وقت جي توانائي واري وزير جي خط جو جواب روس ڏنو ۽ اسان جي سفير جڏهن روس جي توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي ته ان ان ڏس ۾ ڪو به جواب نه ڏنو. مصدق ملڪ چيو ته عمران خان طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڏنل سبسڊي جي قيمت اڄ قوم ادا ڪري رهي آهي. عمران خان جيڪا سبسڊي ڏني، ان جي منظوري ڪنهن کان نه ورتي، اسان ليوي ناهي وڌائي، ان جو بار اسان کنيو. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون نه وڌايون ها ته معيشت ٻڏي وڃي ها. هن چيو ته اڄ نه پيٽرول شين تي ليوي آهي ۽ نه سيلز ٽيڪس آهي. قيمت خريد به پوري وصول نه پئي ڪئي وڃي. مشڪل فيصلا نه ڪرڻ هن وقت ملڪ ۽ عوام سان ناانصافي ٿيندي.
هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي غلط معاهدن جي ڪري عوام مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته 2018 ۾ ن ليگ جي حڪومت ختم ٿي ته ڊالر 115 رپين جو هو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان سيزفائر جي اعلان جي حڪومتي سطح تي آجيان ڪريون ٿا. اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته پابندي پيل تحريڪ طالبان سان 2021 ۾ ڳالهيون شروع ٿيون، پابندي پيل تحريڪ طالبان سان هي ڳالهيون حڪومتي سطح تي ٿي رهيون آهن، افغان حڪومت ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button