سريلنڪا جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ۾ پاڪستاني ويمن ٽيم کي شڪست ڏئي سندن ڪلين سوئيپ ڪرڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي رانديگرياڻين آئوٽ ڪلاس پرفارمنس ڏيندي پاڪستان کي 93 رنسن تان هارايو، جنهن ۾ بالر پڻ پاڻ ملهائي فتح ۾ ڪارائتيون ثابت ٿيون. سريلنڪا جي ڪپتان چماري اتاپٽو شاندار اننگ کيڏندي 101 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ هرشيٿا مداوي 75 رنسن جي اننگ کيڏي. پاڪستاني رانديگرياڻيون 167 رنسن تي آئوٽ، عاليا رياض 56 ۽ عميما سهيل 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close