رانديون

جاويد ميانداد طرفان پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي برقرار رکڻ جي حمايت

ڪراچي: جاويد ميانداد پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي برقرار رکڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته رميز راجا کان استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪيو وڃي، هو صحيح رخ ۾ هلي رهيو آهي ته پوءِ کيس هٽائڻ جي ضرورت ناهي، راندين کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي، رٽائرڊ ڪرڪيٽر سڄي دنيا ۾ بورڊ هلائين ٿا.

هن چيو ته مان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان ناراض ناهيان، مون کيس ڊپارٽمينٽل اسپورٽس بند ڪرڻ کان روڪيو، هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي، ان وقت کان منهنجو عمران خان سان ڪو به رابطو ناهي، معاملو ان حد تائين نه پهتو، ڪرڪيٽ کاتو روزگار فراهم ڪري ٿو. رانديگرن جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم کي ادارن جي ٽيمن مان لاتعداد رانديگر ملن ٿا، مان هڪ ڀيرو ٻيهر اختيارين کي گذارش ٿو ڪريان ته ادارن کي اسپورٽس ٽيمون ٺاهڻ لاءِ چيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button