رانديون

آءِ سي سي ون ڊي سپر ليگ ۾ پاڪستان 10 هين نمبر تي موجود

ڪراچي: آءِ سي سي ون ڊي سپر ليگ ۾ پاڪستان اڃا تائين 10 هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ٽاپ 8 ٽيمن کي ايندڙ سال ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊڪپ ۾ سڌي ريت داخلا ملندي. زمبابوي خلاف پهرين ٻن ميچن ۾ ڪاميابي سان افغانستان نه رڳو 10 قيمتي پوائنٽس حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، ٽاپ رينڪنگ تي موجود بنگلاديش جي ٽيم 18 ميچن ۾ 120 پوائنٽس حاصل ڪري چڪي آهي، انگلينڊ ٻئين، ويسٽ انڊيزِ چوٿين ۽ ڀارت پنجين نمبر تي آهي. پاڪستان موجوده چيمپيئن شپ ۾ هن وقت تائين 12 ميچون کيڏيون آهن، جنهن کي صرف 60 پوائنٽس حاصل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button