رانديون

ڀارتي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مٿالي راج جو رٽائرمينٽ جو اعلان

ممبئي: ڀارت جي ويمين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ ناليواري بيٽسمين مٿالي راج هر قسم جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 39 سالن جي مٿالي راج ڪالهه سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. مٿالي عورتن جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنس اسڪور ڪندڙ رانديگرياڻي پڻ بڻجي وئي آهي. هن 232 ون ڊي ميچن ۾ هندستان جي نمائندگي ڪئي ۽ 50 ڏهائي 68 جي اوسط سان 7805 رنس ٺاهيون.

مٿالي راج پنهنجي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات جون 1999 ۾ آئرلينڊ خلاف ون ڊي ميچ سان ڪئي. هن هلندڙ سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ ۾ آ سي سي عورتن جي ورلڊڪپ ۾ هندستاني ٽيم جي ڪپتاني ڪئي هئي. مٿالي راج جي ڪپتاني ۾ هندستاني ٽيم 2017ع ۾ آ سي سي عورتن جي ورلڊڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي، جتي هنن انگلينڊ هٿان شڪست ملي هئي. مٿالي راج 2005ع ۾ به ٽيم جي ڪپتان رهي هئي، جڏهن ڀارتي ٽيم آئي سي سي وومينز ورلڊڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان هارائي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button