
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين توقير ضيا چيو آهي تھ منهنجي خيال ۾ رميز راجا کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ تھ هو هن وقت سڌي رستي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ منهنجو موقف آهي تھ جيڪو بھ آڻيو ان کي 3 سالن جو مدو مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي، هر ماڻهو جو پنهنجو طريقيڪار ۽ ويزن هوندو آهي. هن چيو تھ نجم سيٺي کي بھ مدو پورو ڪرڻ گهرجي ها، مطلب تھ هر هڪ کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ کپي ها. هن چيو تھ ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جو معاملو ڌار آهي، چيف پيٽرن ملڪي حالتن کي وڃي ڏسي، جي ڪرڪيٽ جو ٻيڙو ٻڌندو هج تھ ان کي ڏسڻ گهرجي.