پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود کي چيلهه ۾ تڪليف سبب ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ سندس جڳجهه تي شعيب ملڪ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر نجيب ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن صهيب مقصود جي انجري جو جائزو وٺڻ کانپو ان کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ سندس بحالي ۽ علاج وارو عمل جاري رهندو. ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي تھ مشاورت بعد شعيب ملڪ کي کنيو، سندس تجربو ٽيم لا ڪافي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close