
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ليگ اسپنر ياسر شاهه جي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ واپسي جو امڪان چٽو ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي ايشيا ڪپ کان اڳ رٿيل سيريز ۾ تجربيڪار رانديگر آڻڻ جي رٿا جوڙي ورتي، جنهن تحت چٽو امڪان ڏيکاريو ويو آهي تھ ياسر شاهه کي ٽيم ۾ واپس آندو ويندو. جڏهن تھ سليڪشن ڪاميٽي جي مشاورت ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شان مسعود کي پڻ ٽيسٽ ۾ لازمي طور شامل رکيو ويندو، اهڙي ريت ڪامران غلام کي پڻ اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي مشاورت ڪئي وئي آهي، حتمي فيصلو ڪپتان بابراعظم سان مشوري بعد ڪيو ويندو.