فٽبال جي راند ۾ 5 متبادل رانديگر کيڏائڻ جي قانون کي مستقل بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوري اڄ ورتي ويندي. ميڊيا مطابق انٽرنيشنل فٽبال ايسوسيئيشن بورڊ اڄ پنهنجي گڏجاڻي ڪري متبادل کيڏائڻ واري فيصلي جي حتمي منظور ڏيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪرونا وبا وارن ڏينهن ۾ سخت پروٽوڪول لاڳو هجڻ سبب فٽبال راند ۾ 5 متبادل کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻ مستقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پريميئر ليگ 5 متبادل نھ کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر هاڻ پريميئر ليگز جي ڪلبن بھ 5 متبادل کيڏائڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close