رانديون

ڀارت پاڪستاني سائيڪلسٽن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارت پاڪستان جي سائيڪلسٽن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايشين ٽريڪ سائيڪلنگ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لا پاڪستاني رانديگرن کي ڀارت وڃڻو هو، جيڪي ويزا جاري نھ ٿيڻ سبب وقت سر نئين دهلي روانا نھ ٿي سگهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايشين سائڪلنگ چيمپيئن شپ 17 جون کان نئين دهلي ۾ شروع ٿيڻي آهي، پر پاڪستاني رانديگرن کي اڃا تائين ويزا جاري ناهي ٿي سگهي. هوڏانهن پاڪستان سائيڪلنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري معظم خان ٻڌايو تھ پاڪستان جي 5 سائيڪلسٽن کي اڄ نئين دهلي روانو ٿيڻو هو، جن کي ويزا جاري ناهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button