رانديون

بابراعظم بعد امام الحق به ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کانپوءِ اوپنر امام الحق به ون ڊي رينڪنگ ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل تازي رينڪنگ موجب انگلينڊ جو جو روٽ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نمبر ون تي آهي، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽي-20 ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم پهرين نمبر تي آهي. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو مارنوس لابوشين هڪ درجو هيٺ لهي ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته انگلش بيٽسمين جو روٽ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٽئين ۽ پاڪستان جو ڪپتان بابراعظم چوٿين نمبر تي آهي. ويرات ڪوهلي جيڪو ڊگهي عرصي تائين دنيا تي راڄ ڪندو رهيو آهي، اڃا تائين 10 هين نمبر تي آهي.

بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پهرئين، ڀارتي اسپنر ايشون ٻئين، بهمرا ٽئين ۽ شاهين شاهه آفريدي هڪ درجو اڳڀرائي ڪري چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. ٻئي طرف قومي ٽيم جي اوپنر امام الحق ون ڊي رينڪنگ ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي پٺتي هٽائي ٻين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو آهي، بالرن جي رينڪنگ ۾ ٽرينٽ بولٽ بدستور پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي چوٿين نمبر تي برقرار آهي. ياد رهي ته ٽي-20 رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 ۾ ڪوبه پاڪستاني بالر شامل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button