آسٽريليا ٻي اننگز ۾ اي سريلنڪا اي خلاف 212 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 5 بيٽر آئوٽ ٿي چڪا آهن. ميڊيا مطابق همبن ٽوٽا ۾ جاري چئن ڏينهن واري راند ۾ ٻي اننگز ۾ فليپي 69 ۽ نڪ 59 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ جمي پيئرسن 13 ۽ ايرون هارڊي 4 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. هوڏانهن سريلنڪن بالرن مان لڪشيٿا مناسنگهي 2، ڊلشان مدوشنڪا، پراباٿ جئي سوريا ۽ سمندا لڪشن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. ڪالهه راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا اي سريلنڪا اي خلاف 317 رنسن جي برتري ماڻي ورتي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close