رانديون

ويسٽ انڊيز بنگلاديش خلاف 95 رنسون ٺاهي ورتيون، 2 آئوٽ

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏهاڙي 95 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 2 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق انٽيگوا ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بنگلاديش جا سڀ بيٽر 103 رنسن تي ڍير ٿي ويا آهن، جن مان ڪپتان شڪيب الحسن 51 رنسن سان نمايان رهيو، تميم اقبال 29، لٽن داس 12 رنسون ٺاهيون، 6 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، ويسٽ انڊيز جا ڪريگ براٿويٽ 42 ۽ نڪروما 12 رنسن سان ڪريز تي اڃا موجود آهن. جڏهن تھ جان ڪيمپبيل 24 ۽ ريمن ريفر 11 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button