ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ويندڙ رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ دير جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ باقي 6 هفتن کان بھ گهٽ جو وقت رهجي ويو، رانديگرن جي ٽيسٽ اڃا نھ ٿي آهي. ذريعن موجب ويمن ڪرڪيٽرن سميت ايٿليٽس جي ڊوپ ٽيسٽ نھ ٿي آهي، ان حوالي سان نيشنل اينٽي ڊوپنگ ايجنسي سڀاڻي جو وقت رکي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پي سي بي کي خط لکي ٽيسٽ جا نتيجا اچڻ ۾ دير جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي تھ ڊوپ ٽيسٽ جا نتيجا اچڻ ۾ 35 ڏينهن جو وقت لڳندو آهي، جيڪڏهن ٽيسٽ سڀاڻي نھ ٿي تھ وڏي دير ٿيندي. ياد رهي تھ پاڪستان جو 103 رانديگرن تي ٻڌل جٿو 28 جولائي کان شروع ٿيندڙ ايونٽ ۾ شرڪت ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close