هن ملڪ جو الميو ئي اهو آهي ته قانون رڳو ڪمزور طبقي لاءِ آهي ۽ اهي حڪمران جيڪي فلاحي رياست قائم ڪرڻ جو هامون هڻندا رهيا، انهن سڀني جو ان ڳالهه تي اتفاق نظر اچي ٿو، هو جنهن طاقتور طبقي سان واسطو رکن ٿا، انهن جو قانون وار به ونگو ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن هو زباني ڪلامي ئي چون ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ جيڪو ڏوهه ڪندو يا قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، اهو سزا کان بچي نه سگهندو، تڏهن به آٿت ملي ها. پر موجوده حڪمران قانون سان ڪهڙو کلواڙ ڪن ٿا، اهو ڪو ڳجهو راز به ناهي!
ڪجهه عرصو اڳ اسان سڀني تاريخ جا حوالا پڙهيا ۽ ٻڌا، پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار سيٺ جي سربراهي ۾ خاص عدالت فيصلو ڏنو ته جنرل پرويز مشرف کي مرڻ کانپوءِ به کلي عام اسلام آباد ۾ ڦاسي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته هن سنگين غداري ڪئي، ان سان گڏ هن قيد جي سزا به تجويز ڪئي. جج پنهنجي فتويٰ ۾ واضح طور ڄاڻايو ته جنرل پرويز مشرف جو ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ جهڙو ناهي. هن برطانوي جنرل جو حوالو ڏنو، جنهن کي رياست خلاف ڏوهه ڪرڻ تي مرڻ کانپوءِ سندس مڙهه ڪڍي، ان کي ڦاسي ڏني وئي هئي، هي ڳالهيون به تاريخ جي ريڪارڊ ۾ موجود آهن ته دنيا ۾ آزادي جي هيرن جن کي آمرن انتهائي تذليل واري انداز ۾ ماريو، پر اهي مري نه سگهيا، اهڙو وقت به آيو، جڏهن انهن جي مڙهه کي قبر مان ڪڍي ڪري انهن کي ريڊ سيلوٽ ڪيو ويو ۽ مڪمل سرڪاري اعزاز سان گڏ انهن جي تدفين ڪئي وئي. انهن ۾ جان آف آرڪ جو مثال به موجود آهي، جنهن جو واسطو فرانس سان هو ۽ ان عورت هيرو کي خراج تحسين پيش ڪئي وئي. اسان وٽ ورلي اهڙو مثال هوندو، جنهن جي مرڻ کانپوءِ سندس مڙهه کي ڪڍي سلامي پيش ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هي اعزاز ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏئي سگهجي ٿو، پر ان جي پنهنجن بزدل پارٽي اڳواڻن ائين انڪري نه ڪيو ته متان وقت جا آمر ناراض ٿي وڃن. هي ساڳي ڳالهه محترما بينظير ڀٽو لاءِ چئي سگهجي پئي. پر پ پ جي حڪومت جي هوندي، اهي نه ئي ڀٽو شهيد جو ڪيس ٻيهر کولي سگهيا، نڪي وري محترما کي خراج پيش ڪيو ويو. هي الڳ ڳالهه آهي ته ان وقت جي جج، جسٽس نسيم حسن شاهه جي اعترافي ويڊيو موجود آهي، جنهن ۾ هن واضح لفظن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل کي عدالتي مرڊر سڏيو ۽ ان قتل ۾ هن جا پنهنجا هٿ به رڱيل هئا!
هينئر جنرل پرويز مشرف شديد بيمار آهي، ممڪن آهي ته هو زندگي جا آخري پل ڳڻي رهيو هجي، بقول هڪ سياسي اڳواڻ جي پرويز مشرف جي اهڙي حالت آهي، جو هو پنهنجن گناهن تي سوري به چئي نٿو سگهي ۽ پوليس جي انتهائي بدنام اڳوڻي ايس ايس پي جو انٽرويو به هاڻ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته محترما شهيد جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي تي صحيح ڪرڻ لاءِ هن تي ان وقت جي گهرو وزير رحمان ملڪ دٻاءُ وڌو هو. هي اهي پوليس آفيسر آهن، جن کي ڪارين رڍن جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، انهن پنهنجو فرض نڀائڻ کانسواءِ دنيا جا سمورا غليظ ڪم ڪيا! اهڙن آفيسرن کي بچائڻ لاءِ طاقتور هٿ اڳيان وڌيا، هو هاڻ توڙي جو سچيون ۽ کريون ڳالهيون به ڪن، انهن جي زبان تي ڪو به يقين نه ڪندو. هي انٽرويو به اصل ۾ جنرل پرويز مشرف کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش لڳي رهي آهي.
پرويز مشرف کي وڏي ڳالهه ته ميان نواز شريف، جنهن محترما بينظير ڀٽو سان گڏجي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ۽ ووٽ ڪو عزت دو جو نعرو لڳايو، ان جي حڪومت به پرويز مشرف جي ڪري وئي ۽ کيس سموري ڄمار نااهل به قرار ڏنو ويو، پر ميان صاحب، پرويز مشرف کي “دل وڏي” ڪندي معاف ڪري ڇڏيو آهي! ان سان گڏ ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته هن جي پرويز مشرف سان ڪابه ذاتي دشمني ناهي، ن ليگ نه صرف پرويز مشرف ڏيهه اچڻ ڏئي ٿي پر هن جي تدفين به فوجي ۽ سرڪاري اعزاز سان جي ڳالهه ڪئي آهي. ميان نواز شريف حاطم طائي جي قبر کي لت ته هنئين آهي، پر ملڪ جا ڪيترائي اهڙا حلقا آهن، جن نواز شريف جي ان “سخاوت” تي ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. طاقتور حلقن پرويز مشرف جي ڪري ميان نواز شريف کي نشانو ته بڻايو ۽ ان کي ۽ سندس خاندان کي ان جي ڳري قيمت به ادا ڪرڻي پئي. هي ان جو ذاتي نقصان هو، پر اڳوڻي فوجي آمر کي سزا عدالت ڏني هئي. هن تي هي ڪيس ثابت ٿيو ته هن ملڪ جو آئين ٽوڙيو ۽ مارشل لا لڳائي سنگين غداري ڪئي. هن ڏوهه جو واسطو ميان نواز شريف جي ذات سان ناهي، پر هن رياست جو ڏوهه ڪيو. هو هڪ فوجي آمر کي اهڙو گناهه ڪيئن معاف ڪري سگهيو پئي؟ هي ڪا معمولي ڳالهه ناهي. خواجا آصف ته “ڏاچي هڻي ڏهه، توڏي هڻي تيرهن” وارو ڪم ڪيو. هن کي ملڪ جي دفاع جي وزير طور رهڻ جو ڪوبه حق ناهي. هن آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪرڻ بدران ايترو به چيو ته پرويز مشرف جو پنهنجو ملڪ آهي، هو بنا ڊپ ڊاءَ جي اچي سگهي ٿو. هن کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ جي وڪالت ڪئي وئي! هي ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن، سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو، پر هي ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته هن ملڪ ۾ قانون ڪنهن جي لاءِ آهي؟
هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان پٺيان رڳو ن ليگ ناهي، نه وري طاقتور ڌريون آهن، پر حڪومت ۾ شامل سموريون ڌريون آهن. اهي ڪوبه اهڙو ڪم ڪرڻ نٿيون گهرن جنهن سان بگ باس ناراض ٿي وڃي. جن ملڪ جي مٿئين ايوان، سينيٽ ۾ پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي بحث ٻڌو هوندو، انهن کي خبر آهي ته ڪيئن رضا رباني کان وٺي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني تائين پرويز مشرف جي سهولت ڪاري ڪئي. جنهن وقت اسٽينڊ وٺڻ گهرجي، ان وقت سياسي قيادت زمين تي ليٽي پئي ٿي. انهن جا سياسي مفاد خطري ۾ پئجي وڃن ٿا، انهن کي رياستي ادارن جي نمڪ حلالي ياد اچي وڃي ٿي ۽ هي ساڳيا اڳواڻ آهن، جيڪي قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪن ٿا. هي چون ٿا ته آئين ملڪ جو سپريم قانون آهي! هنن ان شخص جي وڪالت ڪئي، جنهن آئين کي پنهنجن پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو. ان جي باوجود چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪئي ويندي. هنن کي بنگلاديش جي وزير اعظم شيخ حسينا واجد مان سبق حاصل ڪرڻ گهربو هو، جنهن کان ملڪ جي ترقي بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اسان فوج کي بيرڪن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي، مولوين کي مسجدن تائين محدود ڪيو آهي، انڪري حقيقي جمهوريت قائم ٿي آهي. هنن ته پنهنجي آئين کي سيڪيولر ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ ۾ حقيقي حڪمراني جو بنياد وڌو آهي.
جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي تي ڪنهن کي ارهو ٿيڻ جي ضرورت ناهي. هن جي ملڪي شهريت بحال آهي. هن جي ايندي ئي قانون کي به حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته موجوده عدالتون ئي آهن، ملڪ جي وڏي عدالت، سپريم ڪورٽ پاڪستان جون فتوائون موجود آهن ته جيڪو به آئين کي ٽوڙيندو، اهو سنگين غداري ۾ شامل هوندو. آئين ئي ملڪ جو سپريم دستاويز آهي. پر هينئر تائين عدالتون به خاموش آهن. پرويز مشرف کي جيڪي سزائون ٻڌايون ويون، اهي به برقرار آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهي سزائون ڪنهن به صورت ۾ معطل ٿي نٿيون سگهن. هينئر جيئن ئي پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي جا امڪان پيدا ٿي رهيا آهن،اهڙيون Developments سامهون اچڻ واريون آهن، جيڪي اڳوڻي فوجي آمر جي دفاع لاءِ هونديون.
هي ڳالهه سموري جمهوري معاشري لاءِ سوچڻ جهڙي آهي ته ملڪ اندر جمهوري ڪلچر ان وقت پيدا ٿيندو، جنهن وقت مصلحتن کان پرڀرو ٿي سوچيو ويندو. جيڪڏهن سمورا ڪم حڪمرانن تي ڇڏيا ويندا ته پوءِ تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو. شهرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن آئين سان سنگين غداري جي عمل کي روڪي نٿو سگهجي ته عام راءِ پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هينئر جيڪا سياسي قيادت موجود آهي، ان جا سياسي مفاد آهن، انهن کي پنهنجي حڪمراني بچائڻي آهي. هو اقتدار جي ڪري ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. ملڪ ۾ Alternate voice جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. هينئر ته ماڻهو فارمل ميڊيا جا به محتاج ناهن. انهن کي پنهنجي ڳالهه پهچائڻ لاءِ متبادل ميڊيا ۽ ميڊيم جو استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن حقيقي جمهوري قدرن کي سگهارو ڪري سگهجي. هي ڳالهه به واضح ٿي آهي ته ضروري ناهي ته رڳو اقتدار ۾ موجود يا ان کان ٻاهر قوتن کي حقيقي عوامي طاقت سمجهڻ گهرجي، پر متبادل سوچ ۽ آواز جو سامهون اچڻ به ضروري آهي. هن ملڪ ۾ حقيقي جمهوري قوتون انڪري پيدا ٿي نه سگهيون آهن طاقتور حلقن جي صحيح توڙي غلط ڳالهه کي درست سمجهيو ويندو رهيو آهي.