پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ ڀاڻ جا هٿرادو وڌايل اگهه رد ڪيون ٿا: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي ڀاڻ جا هٿرادو وڌايل اگهه رد ڪيون ٿا، پاڻي جي هٿرادو کوٽ برداشت نه ڪنداسين.

اڄ ميهڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪيل احتجاج دوران مظاهرين تي گوليون هلائي بربريت ڪئي وئي آهي، جيڪو عمل افسوس جوڳو آهي، ڏاڍ ۽ جبر جو راڄ نه هلندو، پوليس حڪومت جي وانگارو نه بڻجي، هارين تي ڪيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هارين ۽ پورهيتن تي ظلم برداشت نه ڪنداسين. سنڌ هاري ڪاميٽي پورهيتن سان ناانصافي برداشت نه ڪندي، اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button