ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي

Editorial

دنيا توانائي بحران جي حل لاءِ ڪيترائي متبادل رستا ڳولي ورتا آهن. جنهن ۾ سڀ کان وڏو ذريعو سولر انرجيءَ جو آهي، جنهن وسيلي نه رڳو عوام کي سستي بجلي ملي رهي آهي پر هاڻ سولر سسٽم تي هلندڙ گاڏيون ۽ سواريون تيار ٿي رهيون آهن. ماڻهن لاءِ گهرن ۾ بجليءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو شمسي توانائي آهي. پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اڄ به بجليءَ جي روايتي رسد جاري آهي، اها بجلي نه رڳو عوام کي مهانگي اگهن تي فراهم ڪئي وڃي ٿي پر ان ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به جاري آهي. جنهن جي ڪري عوام جي پريشانين ۾ واڌ پڻ ٿي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ حڪومت بجليءَ جي يونٽ ۾ واڌ ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو تي مالي بار پئجي ويندو آهي ۽ اهي ڪنهن به ريت ايتري مهانگي بجلي ٻارڻ جي قابل نه هوندا آهن. پر حڪومت کي عوام جو ذرو به احساس ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها هر قسم جي اوڳاڙي عوام مان ئي ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام تي هر ڀيري ايتري بار وڌو ويندو آهي، جو ان جو رت ست ئي نپوڙيو پيو وڃي. هڪ ڀيرو وري نيپرا بجليءَ جا اگهه وڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سي پي پي اي بجلي اگهن ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. نيپرا موجب سي پي پي اي جي درخواست تي شنوائي 27 جون تي ٿيندي. جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مئي ۾ فرنس آئل سان 8 ڏهائي 80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ فرنس آئل سان 33 رپيا 67 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مقامي گئس سان 10 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي سان 22 ڏهائي 89 سيڪڙو ۽ پاڻيءَ سان 24 ڏهائي 50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. مئي لاءِ ريفرنس لاڳت 5 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر هئي پر سي پي پي اي طرفان درخواست 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ جي ڏني وئي آهي. پي ڊي ايم جي حڪومت سولر انرجي تي ٽيڪس ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان ۾ بنهه ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي سولر سسٽم استعمال ڪندي، ان مان بجلي ٻاري رهيا آهن، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي ماڻهو اها ئي بجلي استعمال ڪن ٿا، جيڪا مختلف ڪمپنين پاران گهرن تائني پهچي رهي آهي. ڇا هاڻوڪي حڪومت وٽ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا اهڙي حڪومت عملي ڪانهي، جنهن وسيلي اها عوام کي سستي بجلي فراهم ڪري سگهي. ملڪ ۾ ڪئين سرڪاري ادارا آهن، جن کي سولر واري بجلي فراهم ڪري بجليءَ شارٽ فال گهٽائي سگهجي ٿو. لکين گهرن کي سستي اگهن تي سولر پليٽون فراهم ڪري انهن کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان به بجليءَ جي کوٽ جو پورائو ڪري سگهجي ٿو.
ايندڙ وقت ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو جيڪو انقلاب اچي رهيو آهي، ان سان پڻ تيل ۽ ڊيزل جي بچت ٿيندي ۽ بنهه ٿوري دير ۾ اهي گاڏيون چارج ٿي وينديون، ڇا ان باري ۾ ڪڏهن حڪومت اهو سوچيو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ تي هلندڙ سواريون تيار ڪري، مهانگي بجلي به جان ڇڏائجي ۽ ماڻهن کي مهانگو تيل به خريد ڪونه ڪرڻو پوندو. هن وقت تائين هر حڪومت بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جون رڳو تاريخون ڏيندي رهي آهي پر ڪابه حڪومت ڪانه آئي آهي، جنهن بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري گهرن کي روشن ڪيو هجي. ڇا بجلي واقعي به ايتري مهانگي ڪري سگهجي ٿي، جيتري پاڪستان ۾ ملي رهي آهي. دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، پاڪستان جيڪڏهن ان تبديليءَ کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ملڪ ۾ جيڪي بحران آهن، اهي نه رڳو سنگين ٿيندا ويندا پر انهن کي حل ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته عوام لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو بجلي استعمال نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪري به سهي ته ان جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو بجليءَ جي بلن ۾ هليو وڃي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي بجلي فراهم ڪرڻ جا متبادل ذريعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي سستي ۽ هر وقت استعمال جوڳي بجلي ملي سگهي. ان ڪري حڪومت کي سولر توانائيءَ جي حوالي سان هر سطح تي پراجيڪٽ شروع ڪرڻ گهرجن ته جيئن عوام جي مهانگي بجليءَ مان جان ڇٽي پئي ۽ انهن جي کيسي تان مالي بار لهي وڃي ته جيئن اهو پئسو عوام ٻين ضرورتن جي مد ۾ استعمال ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button