ھن ڪيتري وقت کان ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو آھي. نه ڄاڻ ڇو؟ پر چپ! اصل صفا ماٺِ، اھڙي ماٺ جھڙي اَروڙ جي لٽجڻ کان پوءِ سنڌ تي ڇانئجي وئي ھئي. نه دانھن، نه فرياد ايئن پيو لڳي ڄڻ ھو احساساتي ھوندَ جي معنيٰ ئي وساري ويٺو ھجي ۽ ڄڻ مَرگ ۽ حيات جي بستر تي پيل ڪو مڙهه پنھنجي نمبر جي انتظار ۾ ترسيل ھجي. پر ھن اڃان پنھنجي بِکيا واري گودڙي نه لاٿي آھي. ڪن جي پاپِڙين ۾ ھلڪا وَڍَ ۽ والڙيون پاتل اڌروٽ وھيءَ سان الهڙ جوان ان ڏينھن جھڙي نفيءَ واري ويس ۾ ملبوس پنھنجي داخلي وشالتا سان محوِ ڪلام ٿيندي گذريو پئي ته پوري ھوٽل کان ويندي گَھٽيءَ جي آخري لنگَهھ تائين موجود ماڻھن جو موضوعِ سُخن اُھو ڀَڪشو ئي ھو. جيڪو ھڪ دور ۾ اڪثر ڪاٽن ۽ کانڌي جي ڪپڙن ۾ يا بِلو جيِنس، واسڪيٽ، ٽرائوزر، ھالف سِليِوز شرٽ ۽ امپوٽيڊ سن گلاسز ۾ ڏٺو ويندو ھو. ھاڻ ته ڳوٺ جي چوراھَن کان ويندي اڪثر ھر ننڍي، وڏي ويھڪ ۾ ھن جو ذڪر مڙئي پيو ٿيندو آھي. ھو جنھن کي اڪثر اھو گمان ھوندو ھو ته ھن نظام کي طاقت ذريعي ئي ھلائي سگھجي ٿو. اھو فاتح خيالن جو مغرور نوجوان جنھن کي ھاڻي ماڻھون ويراڳي فقير جي ناءَ سان سُڃاڻين. ماضي جو ڪھڙو نانءُ ھئس، ڪھڙي ڪِرت ۽ ڪھڙو مقام؟ سو سڀ ڄڻ واريءَ تي ٺھيل پيرَ جيئن بڻجي چڪو آھي.
پر سماعتن مان اھو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ته ھو اڪثر وِليز جيپ تي ڪنھن مھل رابن ھوڊ ته ڪنھن مھل وري صفا ڪَچي جو جھانگلوس لڳندو ھو. ھو ڏوهه ڪندي به ڏِسائبو ھو ته ڏوھن جو پيرو کڻندي به پر ان ڪم ۾ به ھن جا پنھنجا معيار، ماپا ۽ اصول ھا. ڏوھن جي معملي ۾ ھو پَر مار ھو تَر مار نه ھو. علائقي جي وڏيري، ڀوتار ۽ ڪنھن سَگھي ماڻھوءَ لاءِ ڄڻ اک ۾ ڪانُ جڏھن ته غريب ۽ مسڪين ماڻھو لاءِ جمال ابڙي جي ڪھاڻي وارو پِشو پاشا جھڙو ڪردار! ڏوهه ڪرڻ يا ڪرائڻ جي کيس ضرورت نه ھئي پر ڏاڍُ، ڪِروڌ ۽ ارڏائپ ھن جي رڳ رڳ ۽ نس نس ۾ ڀريل ھئي. ھر قانوني ڪم کي غير قانوني ۽ جائز ڪم کي ناجائز طريقي سان ڪندي کيس فرحت ايندي ھئي. اڪثر علائقي ۾ پاڻ جھڙن ھَٺيلن ۽ قَديلن سان صحبت ۾ پنھنجي عزت ۽ عظمت سمجھندو ھو. کين گڏ کڻي ھلڻ ۽ گڏجي رات جي تاريڪين ۾ روڊ جھلڻ ھن جي دل وٽان ھو. پر وقت گذرڻ سان سي سڀ شئيون ماضيءَ جو گذريل قصو بڻجي چڪيون آھن. ۽ نه ئي کيس به ڪا غرض رھي آھي، انھن مڙني خفتن سان جي ھو ماضيءَ جي ٻه واٽيءَ تي ڇڏي آيو آھي. جي ڪا غرض اٿس به ته سا پنھنجي وڃائجي ويل وجود جي. ان اڌ وجود جي جنھن جي ڳولھا جا ڏس مرشد جي ڪچھريءَ ۾ ويٺي ھنن سٽن سان ڪَنايا ھُيئن ته:
“پاڻ کي سڃاتم ڀُلَ لَھي پيو ڀولو،
پسيم صورت پنھنجي، جنھن جو ھيس ڳولھو.”
مرشد جي ان ونڊ کان پوءِ ڄڻ ھن کي پنھنجي ھوندَ جي معنيٰ ملي وئي ھئي. سَنڌُ سَنڌُ ۽ قلب قرار ٿي ڀانئيائين. سندس ڌُنڌ ۾ ويڙھيل عڪس چٽو ٿيڻ لڳو ھو. فقيرن جي رھڻي ڪھڻي ۽ ريت پريت ڏسي پوءِ ته ويتر موھَت ٿي پيو ھو. وٺي جو حال ڌاڳا به اھڙا ڪيائين جو پوري خلق ۾ اچي ھُل پئجي ويو ته ھاڻ ھن جو سڌي دڳ اچڻ محال آھي. ترقي پسند لڏي وارن لاءِ ڄڻ ترقي ۾ وڏي رُڪاوٽ اچي وئي ھجي. پاڙي وارن لاءِ ڄڻ نيڪي ۽ ثواب کي وڏا بند لڳي ويا ھجن ۽ مذھبي مُلي مُلاڻي جي نظر ڪنھن گمراهه ۽ ڀٽڪيل روح تي پئجي وئي ھجي. پر ھو ان حال زيورن ۽ ماڻھن جي ملامتن کي مرشد ڏانھن مليل ڏاج ٿو ڀانئين. ھونءَ به جُھٽ ڦُٽ ڦَڪڙي ھر دور ۾ فقيرن جو سينگار رھيو آھي. ۽ “چوندن کي چون، ڪين ورائي” سندن ازلي وڙُ. جنھن سان ھو پرائي کي پنھنجو ڪن.
سماج جي نظر ۾ ھڪ ناڪام فرد، پنھنجي ماھيت ۾ ڪيڏو وشال ۽ آنندتِ ھوندو آھي، سا خبر ڪو گيان، ڌيان جو واسي ڄاڻي. پر ھو اڄ به لُڇي ٿو، پُڇي ٿو ۽ المنظر مٿان بيھي چانڊوڪيءَ رات ۾ ملاحن جي ڳوٺن ڏي منھن ڪري ڊگھو ڪش ھڻي، جھٽ سوا لاءِ ماٺ ٿي سڄي ساڻيهھ جي خوشحالي لاءِ ٿڌا ساهه کڻي ٿو. ڪالھه بقاءِ لطيف واري آشرم تي فقير امداد ملاح سُھانجڙي جي بچيل آخري پنن مان ٺھيل چانھه کڻي اڳيان رکي ۽ پوءِ فقير به يڪتاري جي تار چاڙھي ۽ ھيئن جھونگارڻ لڳو ته:
ٻڌي لوڪُ ٿئي شوخ، پرواهه ناھي،
پنھنجو يار تونگر لوڪئون ڇو لڪايان؟
پنھنجي يار سھڻي سنھڙي جي آھيان
صفا صاف ظاھر، ھوڪو پئي ھلايان.
پوءِ ته بس آشرم جي ساوڪ ۾ ويتر اضافو ٿيندو ويو. فقيرن جو سُنگ ھو ڌيان، گيان جون رمزون ھيون. وڻن جون لڏندڙ لامون ھيون ۽ بس ھڪ ڊگھي سانت ھئي.