نيڌرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽر سيلار انجري سبب تڪليف وڌي وڃڻ تي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پيٽر سيلار 2005ع ۾ ڊيبو ڪيو، هن 57 ون ڊي ۽ 77 ٽي 20 ميچن ۾ 100 وڪيٽون وٺي پاڻ کي مڃرايو. جڏهن تھ سندس بيٽنگ پڻ شاندار رهي آهي. پيٽر سيلار ميڊيا کي ٻڌايو تھ پٺي ۾ تڪليف سبب ٻن سالن کان پريشان آهيان، تنهنڪري هاڻ وڌيڪ نٿو کيڏي سگهان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close