اسان جو معاشرو مرده پرست آهي. اهو انسانن جو قدر مئي پڄاڻان ڪندو آهي. هن وقت بينظير ڀٽو جي لاءِ هن جا سياسي مخالف به مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش ۾ مبتلا آهن. جڏهن ته هن جي جيئري هن جي مٿان الزامن جا آڙاهه ٻارايا ويا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهو به محسوس ٿيندو آهي ته اسان عظيم انسانن جي مرڻ جو انتظار ڪندا آهيون ته جيئن مئي کان پوءِ انهن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهون.
اسان مردپرست آهيون. اهوئي سبب آهي ته اسان سال ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن عظيم شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ڪوئي ميڙ به ڪٺو ڪندا آهيون ته اهو ميڙ هن جي جنم ڏينهن جو نه پر هن جي ورسيءَ جو هوندو آهي. جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته عظيم انسان سدائين موجود هجن ٿا. موت انهن کي ڇهي به نه ٿو سگهي ته پوءِ انهن جي ورسين مٿان اهو زور ڇو؟ اسان کي جيڪڏهن عظيم انسانن کي ڀيٽا ئي ڏيڻي آهي ته اسان کي انهن جا جنم ڏينهن ملهائڻ گهرجن. سال ۾ هڪ ئي پروگرام ڪرڻو آهي ته پوءِ ورسي ڇو؟ سالگره ڇو نه؟
بينظير ڀٽو جي ورسي ته هميشه وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي ۽ ان ڏينهن تي پوري ملڪ مان قافلا ڪڍرائڻ جو بندوبست به ڪيو ويندو آهي پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي بينظير صاحبه جي ورسيءَ بدران هن جي جنم ڏينهن جو پروگرام ملهائي رهي آهي ۽ ان قسم جي تبديليءَ تي پيپلز پارٽيءَ کي تمام گهڻي مبارڪ پيش ڪرڻ کپي. اها هڪ تبديلي آهي ته جنهن شخصيت ايڏو وڏو ڪارنامو ڪيو جو هن جي ڪري پيپلز پارٽي پنهنجي تمام بري ڪارڪردگيءَ سبب به هن مهل تائين اقتدار ۾ آهي ته اهو ڪريڊٽ آصف زرداري يا بلاول کي نه پر بينظير ڀٽو کي حاصل آهي ته هن جي محنت ۽ قربانيءَ جي ڪري اڄ اهي ماڻهو به وزير آهن، جن وٽ پنهنجي موٽر سائيڪل به نه هوندي هئي.
هن مهل پاڪستان جي نه پر سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي پيپلز پارٽي آهي. اها پارٽي جنهن جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو پر هن کي عملي طور تي اڳتي هلائڻ جو سهرو بينظير ڀٽو جي سر رهيو آهي. جيڪڏهن هن مهل به پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي ته ان جو سبب بينظير ڀٽو آهي. جيڪڏهن بينظير ڀٽو پيدا نه ٿئي ها، جيڪڏهن دختر مشرق جنم نه وٺي ها ته پاڪستان کي پهرين مسلمان خاتون وزير اعظم جو اعزاز به حاصل نه هجي ها. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي سگهيو جو بينظير ڀٽو جنم ورتو. ان ڪري حق اهو آهي ته هن جي ورسيءَ بدران هن جي جنم ڏينهن جا پروگرام ملهائجڻ گهرجن.
بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن تي عام طور تي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران ڪيڪ ڪٽيا ويندا آهن پر اهو تمام ننڍي پئماني تي هوندو آهي. هن ڀيري پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو بينظير صاحبا جي جنم ڏينهن جو جشن ملهائي رهي آهي. اهو هڪ تاريخي موقعو آهي. ان عمل تي پيپلز پارٽيءَ کي شاباس ڏيڻ گهرجي. ڇو ته هن روايت ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سالگره ملهائي اها روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته عظيم انسان ۽ خاص طور تي شهيد انسان ڪڏهن به نه مرندا آهن. اهي زنده رهندا آهن. اسان جو دين به اها گواهي ڏئي ٿو. ان ڪري اسان کي عظيم انسانن جون ورسيون گهٽ ۽ سالگرهون وڌيڪ ملهائڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جيڪا ڪوشش ورتي آهي، اها قابل تعريف آهي. پر اها ان صورت ۾ وڌيڪ قابل تعريف هجي ها ۽ ان جو اثر هوند روايت جي حوالي سان وڌيڪ پوي ها، جيڪڏهن ان سالگره جي پويان پيپلز پارٽي ڪو ئي ننڍڙو سياسي مفاد نه رکي ها.
پيپلز پارٽي 14 سالن کان وٺي مسلسل اقتدار ۾ آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيڻ سولو ڪم نه آهي. هيءَ ته پيپلز پارٽي آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ق ليگ جي حڪومت به ايترن سالن کان هجي ها ته هن جو پاڙون سسٽم ۾ تمام گهريون ٿي چڪيون هجن ها ۽ هن کي شڪست ڏيڻ ڪنهن به طور تي آسان نه هجي ها. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته اها اليڪشن ۾ هارائي ويندي ۽ اها ته قومي چونڊون به هارائي نه ٿي سگهي. جيڪا پارٽي قومي چونڊ کٽي سگهي ٿي، اها بلدياتي چونڊ ڪيئن ٿي هارائي سگهي. جڏهن ته اها پارٽي صوبي اندر اقتدار ۾ به هجي ۽ اسان کي ڀليءَ ڀت معلوم آهي ته بلدياتي چونڊ ۾ سمورو سرڪاري زور هلندو آهي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ وٽ 14 سالن جي اقتدار سبب تمام گهڻي دولت به هجي ۽ هن مهل انهن جي حڪومت سبب انهن وٽ انتظامي طاقت به تمام گهڻي هجي ته ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پريشان ٿيڻ سمجهه ۾ نه اچڻ جوڳو آهي.
پيپلز پارٽيءَ کي بلدياتي چونڊ ۾ ڪنهن به طرح سان پريشان ٿيڻ يا خوف محسوس ڪرڻ واري ڪيفيت ۾ مبتلا نه ٿيڻ گهرجي. ان ڪري هن کي بيخوف ٿي ميدان ۾ لهڻ کپي. پر هن ڀيري پيپلز پارٽي جهڙي طرح پريشان به آهي ۽ ان ۾ خوف به آهي ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ عملي طور تي سنڌ جي ماڻهن جي ايتري خدمت نه ڪئي آهي جو انهن کي پنهنجي فتح جي پوري پڪ هجي ۽ انهن کي اهو يقين هجي ته تير جو نشان جنهن کي به الاٽ ٿيو، اهو ڪامياب ٿي ويندو. ان ڪري اها ڪنهن به خوف بنا ميدان ۾ لهي ها پر حقيقت اها ناهي. حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڊپ آهي ته ڪٿي بلدياتي چونڊ ۾ عوام انهن جي مزاحمت نه ڪري ۽ عوام انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سندرو نه ٻڌي اچي. ڇو ته پيپلز پارٽي عوام جي آڏو سرڪاري طور تي سرخرو ڌر ناهي. ان ۾ خوف آهي. اهو خوف ئي هن جي پريشانيءَ جو سبب آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ پنهنجي منشور ۽ عوام سان ڪيل واعدن جي پوئواري ڪئي هجي ها ته اڄ هن کي بينظير صاحبا جي سالگره جو پروگرام صرف ۽ صرف هڪ عظيم شخصيت کي سياسي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ڪيو وڃي ها ۽ هڪ نئين روايت پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ساراهه اسان پنهنجو فرض سمجهون ها پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ محترمه جي جنم ڏينهن جو جيڪو پروگرام رٿيو آهي ته ان جو ڪارڻ نئين روايت وجهڻ نه پر بلدياتي چونڊن جو ماحول پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ پنهنجي سپورٽ وڌائڻ ۽ عوام کي بينظير صاحبه ياد ڏياري ووٽ وٺڻ جو هڪ انداز آهي.
اهو سڀ ڪجهه سوچي اسان کي تمام گهڻي مايوسي ۽ تمام گهڻو ڏک ٿي رهيو آهي. ڇو ته پروگرام ساڳيو آهي پر جيئن ته مقصد الڳ آهي، ان ڪري اهو ڪم جيڪو هڪ شاندار روايت بڻجي ٿي سگهيو، اهو ڪم هاڻي ان طرح سان پنهنجو نتيجو نه آڻي سگهندو. اها پيپلز پارٽي جي تمام گهڻي نااهلي آهي ته هوءَ 14 سال اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود به پنهنجا پير ايتري حد تائين پختا نه ڪري سگهي آهي جو 14 سالن کان پوءِ به اها بلدياتي چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ بينظير ڀٽو جي نالي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ مجبور آهي. جڏهن ته ايتري ننڍي ڪم لاءِ ايتري وڏي شخصيت جي نالي کي استعمال ڪرڻ جو احساس اسان جي روح کي راحت نه ٿو ڏئي ته ان جو عوام جي مٿان ڪهڙو اثر پوندو؟
اهو ڪيترو نه بهتر ٿئي ها ته هڪ ڏينهن بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جو پروگرام تمام گهڻي محبت سان ملهايو وڃي ها ۽ ان جو ڪو به فوري طور تي سياسي فائدو نه سوچيو وڃي ها. هونءَ ته سياسي شخصيت جي حوالي سان جيڪو به عمل ڪبو، ان جا سياسي فائدا پوڻ اڻ ٽر هوندا. پر فوري فاعدي ۽ ڏو رس فاعدي ۾ به فرق آهي. اسان کي انهن ٻن فرقن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي. هن مهل پيپلز پارٽي بينظير صاحبه جي سلسلي ۾ جيڪو پروگرام ڪري رهي آهي، ان جو سبب بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجو پاسو ڳرو ڪرڻ واري لالچ آهي. اها لالچ هن ايڏي وڏي سٺي تصور کي تمام گهڻو نقصان پهچائي ٿي، جنهن تصور جي سلسلي ۾ اسان سوچيو هو هاڻي عظيم انسانن جون ورسيون نه پر انهن جا جنم ڏينهن ملهائڻ گهرجن ته جيئن اسان جو معاشرو مرده پرستيءَ جي ڍونڍ مان نڪري اهو ڪجهه ڪري سگهي، جيڪو ڪجهه دنيا جي عظيم قومن ڪيو آهي. دنيا جون عظيم قومون زندگيءَ جون همسفر هونديون آهن. اهي انهن عملن ۾ مصروف نظر اينديون آهن، جن عملن ۾ زندگيءَ جو ظهور هجي. جن عملن جي مٿان موت جي ڪاري چادر پيل هجي. جن عملن ۾ افسوس هجي. جن عملن ۾ تمام گهڻو غم هجي. انهن عملن کان پري رهڻ جو مطلب اهو آهي ته زندگيءَ جي روان دوان ڪاروان کي اڳتي هلائڻ جي لاءِ اها سوچ تمام گهڻي سرگرم آهي.
بينظير ڀٽو ۽ سنڌ توڙي پاڪستان جي عظيم ڪردارن کي خصيص سياسي مقصدن جي لاءِ انهن جي موتن ۽ انهن جي شهادتن کي سياسي بينر بڻائڻ جي روايت اسان پنهنجي معاشري مان آسانيءَ سان ختم ڪري نه ٿا سگهون. پر اسان اهو ضرور ڪري سگهون ٿا ته اسان ان سان گڏ هڪ نئين ۽ زندگي بخش روايت وجهون. اها روايت ورسيءَ بدران سالگره ملهائڻ جي آهي. پر ان سلسلي ۾ اسان کي اهو خيال ۾ رکڻو پوندو ته اسان ان عظيم ڪم کي ڪنهن به خصيص مقصد سان مشروط نه ڪيون. اسان کي اهو به يقين ڪرڻ گهرجي ته سياسي عمل جو سياسي فائدو پوڻ اڻ ٽر هوندو آهي پر اهڙو ڪم نه ڪجي، جيڪو پنهنجي ماهيت ۾ ته تمام وڏو هجي پر ان جو مقصد تمام ننڍو هجي. جڏهن اسان جو مقصد ننڍو هوندو ته اسان جو وڏو ڪم به ننڍو ٿي ويندو. اسان کي تمام گهڻي خوشي ۽ مسرت محسوس ٿئي ها، جيڪڏهن اسان پيپلز پارٽيءَ پاران بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جو پروگرام بلدياتي چونڊن جي ڪاميابيءَ واري مقصد سان مشروط نه ڏسون ها. ان صورت ۾ اهو ڪم نئين روايت وجهڻ جوڳو هجي ها.