پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ پ پ جا 6 ناراض اميدوار کنڀي گم، انڊس ها بلاڪ

ڀان سيدآباد: سيوهڻ تعلقي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پ پ جي 6 ناراض اميدوارن کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد تي چيئرمين جو اميدوار منور حسين ميمڻ، ڪائونسلر جا اميدوار نور محمد ميمڻ، سيد ڪوڙل شاهه ۽ طفيل ميمڻ نامزدگي فارم رد ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته سيوهڻ ڀرسان پوليس کين روڪي گرفتار ڪري ورتو، جن کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته يوسي بوبڪ تي چيئرمين جي اميدوار محمد رمضان ملاح ۽ يوسي جعفرآباد تان ڪائونسلر جي اميدوار نور محمد ملاح کي به کنڀي گم ڪيو ويو، چونڊ اميدوارن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ميمڻ برادري، ملاح برادري جا ماڻهو توڙي سوين شهري ۽ ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، جن ريليون ڪڍي انڊس هاءِ تي ٽائر ساڙي الڳ الڳ ڌرڻا هنيا. ڌرڻن سبب انڊس هاءِ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ٽرانسپورٽرن ۽ مظاهرين ۾ منهن ماري پڻ ٿيندي رهي. احتجاج دوران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن لقمان ميمڻ، شاهد پنهيار، عبدالستار ميمڻ، غلام مصطفيٰ ملاح، فهيم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اليڪشن وڙهڻ هر شهريءَ جو جمهوري حق آهي، اسين به پ پ سان تعلق رکون ٿا، چونڊ وڙهڻ تي کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟. هنن چيو ته ايس ايڇ او ڀان قربان قمبراڻي ۽ ون فائيو انچارج منظور دل اسان جا ماڻهو اغوا ڪيا آهن، هو دل جا مريض آهن، کين ڪجهه به ٿيو ته ذميوار اهي هوندا، ان موقعي تي مظاهرين الزام هنيو ته اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڀان ۽ اڳوڻي يوسي چيئرمين بوبڪ جي چرچ تي پوليس اسان جا ماڻهو کنڀي گم ڪيا آهن، اميدوارن کي حراسان ڪرڻ بدران ميدان ۾ اچي اليڪشن وڙهي وڃي. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن وڏي وزير جي تڪ ۾ اميدوارن جي اغوا، پوليس جي جانبداري ۽ انڌير نگريءَ جو نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button