پاڪستان ۾ اسڪينڊل ڪوئين طور شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ميرا اعلان ڪيو آهي تھ هن بلوچي ٻولي سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ زندگي ۾ هميشا سکڻ کي اهميت ڏني آهي، تنهنڪري هينئر بھ بلوچي سکان پئي. هن جو چوڻ هو تھ منهنجي فلمن سوهني ميهوال ۽ ديوداس جي رليز ٿيڻ ۾ رڪاوٽون اچن پيون، ديوداس بي ڪلاس ٿيڻ واري ڳالهه غلط آهي. هن چيو تھ پروڊيوسر موت جي ڪنڌي تي آهي، هاڻ فلمن کي رلز ٿيڻ ڏنو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھُ فلم انڊسٽري ڏکيائين جو شڪار آهي، ٽڪيٽ مهانگي ٿي وئي آهي، تنهنڪري سوچ مٽائڻي پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close