ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قومي ملڪيتون گروي، پراڻو نسخو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

جون اڱاري تي ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي مظلوم ۽ دنيا جي عظيم ترين مسلمان ۽ سنڌياڻي خاتون ليڊر وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جو جنم ڏينهن ھو.
ان موقعي تي گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان وٺي اھڙن موقعي پرست ليکڪن ۽ صحافين جا اخبارن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ سوشل ميڊيا تي درد ڀريل سنيھا پڙھيم جيڪي شھيد راڻيءَ جي حياتيءَ ۾ سندس جاني دشمن ڄام صادق علي ۽ ارباب رحيم جا نوڪر ھوندا ھئا. مون کي سندن نالا لکڻ جي گھرج ناھي سنڌ جا باشعور ماڻهو انھن سرڪاري درٻاري ليکڪن اديبن ۽ صحافين کي چڱي طرح سڃاڻن ٿا. مون کي شھيد بينظير ڀٽو جا آف دي رڪارڊ چيل سمورا جملا ياد آھن.
پاڻ ماڻھن پراڻي زماني جي سچن واقعن کان وٺي پنهنجي حياتيءَ ۾ اکين سان ڏٺو آهي ته وقت، حالتون ۽ ماڻهن جي مزاج ۾ لوڀ ۽ لالچ ڀرجي وڃڻ جي ڪري تخت تي ويٺل بادشاهن کي سندن پٽ مارائي پاڻ حڪمران بڻجي ويندا آهن. اھو به ڏسون پيا ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندڙ بي ڊپن ۽ بيباڪ انسانن کان نه رڳو سندن پراڻا يار پر مٽ مائٽ ۽ اولاد پڻ پاسيرو ٿي ويندو آهي. اڄڪلھه ته بدترين حال اھو آھي ته اڻھوند ۽ بيروزگاري جي ڪري پٽ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي مارڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا آھن. مون پنهنجي صحافت جي 54 سالن مان چاليھه سال ڪراچيءَ ۾ گذاريا آهن جتي روزانو ھلال پاڪستان، ڊان گروپ جي ايوننگ اسٽار، ھفتيوار برسات ۽ اسلام آباد جي معتبر انگريزي اخبار دي مسلم ۾ جن کي نوڪريون ڏياريم، سي اڄ ڪروڙ پتي بڻجڻ کان پوءِ اسان جي ٽيليفون ڪال ٻڌڻ کان به وئون وڃن ٿا. اھڙي نفسا نفسي جي دور ۾ ئي بينظير صاحبه اسان چئن پنجن صحافين کي ٻڌائيندي هئي ته جيتوڻيڪ جنرل ضياءَ الحق ھوائي حادثي ۾ مارجي ويو آهي پر سندس باقيات ۾ منهنجو وڏي ۾وڏو ويري وزير اعليٰ پنجاب نواز شريف آهي. آئون جڏهن به لاھور جي ھوائي اڏي تي لھندي آھيان ته منهنجي آس ھوندي آھي چيف منسٽر پنجاب مون کي عزت ۽ مان ڏئي پر هو نھايت مغرور سرمائيدار آهي جنهن کي اھا به ڄاڻ نه آهي سياسي اختلاف کي ذاتي اختلاف نه ڪبو آهي.
ڪالم لکڻ مھل جڏهن اھي حقيقي ڳالهيون منهنجي من تي ترندي اچي وينديون آهن ته اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا ياد ايندا آهن جن جو ھن ڪالم ۾ ذڪر ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهان. پڙھندڙن کي رڳو اھو ٿو ٻڌائڻ گھران ته اڄ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ۾ پنھنجي اڪيلي فرزند بلاول کي وزيراعظم شھباز شريف جو ماتحت ڏسي محترمه بينظير جو روح ضرور تڙپندو ھوندو. ڇا ھندوستان جي باني وزيراعظم جواھر لال نھرو جي ڪانگريس پارٽيءَ جو رھنما ۽ راجيو گانڌيءَ جو پٽ اڳوڻي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي سرڪار کان وٺي اڄ ٽيھن سالن گذرڻ کان پوءِ به ڀارتيه جنتا پارٽي يا ڪنهن به اھڙي سياسي اتحاد ۾ شامل ٿيو آهي جيڪو نفرتن جو پرچار ڪندڙ ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ ڪٽرپڻي جي بنياد تي ٺھيل ھجي؟ ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي دور ۾ ڪشمير جي عوام سان ته اھڙو ظلم ۽ جبر ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال ناھي پر اتر پرديش ۽ ٻين رياستن ۾ پڻ عام مسلمانن سان ۽ انهن جي نياڻين سان انتھا پسند ھندو تنظيمن جيڪا بدمعاشي ۽ بدسلوڪي ڪئي آهي ان تي ايمنسٽي انٽرنيشنل کان وٺي ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جھڙا عالمي سطح تي مانائتا ادارا به موديءَ کي نندين پيا.
بدقسمتيءَ سان اسان جو ھي نئون وزير اعظم شھباز شريف پڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف جيان پاڪستان جي ٽيويھه ڪروڙ ماڻهن سان وڏي واڪي ڪوڙ ڳالهائيندي ذرڙو به شرم محسوس نٿو ڪري. اربع وارين سمورين اخبارن ۾ شايع ٿيل سندس بيان غريب مسڪين ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. شھباز شريف فرمايو آهي ته: “تيل جي اگھن ۾ واڌاري لاءِ ڪيل فيصلن جو آئي ايم ايف جي شرطن سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي.” ان ڳالھه جو مطلب ٿيو ته سندس ئي مقرر ڪيل ملڪ جو خزاني وارو وزير مفتاح اسماعيل مھيني ڏيڍ کان اھو ڪوڙ پيو ڳالھائي ته آئي ايم ايف جي شرطن تي عمل نه ڪنداسين ته اسان کي ڪک به نه ڏيندا.
ھاڻي ڇا سمجهون ته ملڪ جي خزاني جو نگھبان مفتاح اسماعيل ڪوڙو آهي يا حادثاتي طور چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف ڪوڙ پيو ڳالهائي؟ منهنجي سچي را ھي آهي ته مفتاح اسماعيل سچو آهي ڇاڪاڻ ته ھو نواز شريف جي ڊاٺل حڪومت کان وٺي پنهنجي سر پاڻ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ سان ڊيل ڪري پيو ۽ ھو ڪو وڏو سرمائيدار يا شگر ملز ۽ اسٽيل مل جو مالڪ نه پر ھڪڙو پروفيشنل معاشي ماھر آهي. سياسي اڳواڻن جي چوڻ تي ھن اخباري نمائندن ۽ ٽي وي چئنلز سان انٽرويوز ۾ سچائي کي لڪائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي پر مون کي لڳي ٿو ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ وارو ناهي جيئن اسان جا نام نهاد سياسي اڳواڻ روز ڳالهائين ٿا.
مفتاح اسماعيل ته سچائي سان اھو به چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ تيل، گيس ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ اڃا به ڳاٽو ڀڃندڙ واڌارو ٿيندو. آئي ايم ايف وارا پاڪستان کي ھاڻي ڪابه رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.
ھاڻي اچون ٿا سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي اليڪشن تي جن ۾ سنڌ پوليس ۽ سنڌ جي سرڪاري وسيلن جي ناجائز ۽ غير قانوني استعمال بابت اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي ڪجھه پڙھجي ۽ ڏسجي ٿو ان مان صاف ظاهر آهي ته حڪمران ڌر شڪست جي ڊپ وچان مخالف اميدوارن کي اغوا ڪرائي مٿن جبر ڪري ھٿ کڻائڻ جي سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڪوشش ڪري پيئي.
سڄي سنڌ جي پوليس ووٽرن ۽ اميدوارن جي حفاظت ڪرڻ بدران سرڪاري ڌر جي اڳواڻن، سندن پارٽيءَ سان لاڳاپيل سردارن، ڀوتارن ۽ ڪارونجهر جبل کي ڪاٽيندڙ ٺيڪيدارن جي ذاتي نوڪر بڻجي جنهن ريت مسڪين ماڻهن سان ڏاڍائي ڪري رھي آھي ان جا ھزارين ثبوت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي طرفان اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن ظلم ۽ ستم جي واقعن مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جمھوريت جي ويس ۾ باقاعدي آمريت مڙهي ڇڏي آهي.
واپس پنهنجي اصل موضوع تي اچي آئون پڙھندڙن کي اھا حقيقت ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت گذريل ٻن مهينن ۾ پرڏيهي سامراجي ادارن جي جنھن غلاميءَ واري ڪارڪردگيءَ جو ڏيک ڏنو آهي سا ته عمران خان سرڪار جو ئي ساڳيو نمونو ۽ ان جو عڪس آهي. جيتوڻيڪ عمران خان به پنهنجي زال، سندس ڀاڱي ڀائيوار ساھيڙي فرح گوگي ۽ پنجاب جي اڳوڻي وزير اعليٰ عثمان بوزدار جي نالي ۾ تمام گهڻي ڪرپشن ڪئي آهي پر سچ اهو آهي ته اڄوڪن اتحادي پارٽين جي پراڻن پاپي حاڪمن وانگر عمران خان نه شگرملز ۽ نه ئي ڪا اسٽيل مل لڳائي آهي. عمران خان به اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيل ملڪيتن جي تفصيلن ۾ پنهنجي پراپرٽي جا اگهھ اھڙا ئي ڏيکاريا آهن جو ڪوبه پراپرٽي ڊيلر کيس آڇ ڪري ته اھا ملڪيت مون کي ٻيڻي ٽيڻي اگھه تي وڪرو ڪري ڇڏ ته ھو ھرگز نه ڪندو. سمورن سياسي اڳواڻن پنهنجي ملڪيتن جي ايتري ته گهٽ مارڪيٽ ويليو ڏيکاري آھي جو قومي خزاني کي ڦريندڙ ھنن سياستدانن جي ڪوڙ ۽ مڪر تي کلڻ به اچيم ٿو ۽ روئڻ به! روئڻ ان حقيقت جي ڪري ته ھنن سڀني ٽيڪس چورن اھا ملڪيت ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ لڪايل ڌن دولت ڪروڙين پورھيت ماڻهن جي رت پگهر واري قومي خزاني مان چوري ڪئي آهي. پنجاھه سٺ سال پراڻي انڊين فلم جي ھڪ مشھور گيت؛
“اس دنيا مين سب چور چور،
ڪوئي ڇوٽا چور ڪوئي بڙا چور”
جي ابتڙ مون فقط ھڪڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو پاڪستان جي ڇاھتر سالن واري تاريخ ۾ بنھه بي داغ ثابت ٿيو. اھو خدا ترس ۽ ايماندار انسان مرحوم محمد خان جوڻيجو ھو. باقي ٻين جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو.
شھباز شريف وزيراعظم ٿيڻ شرط پرڏيهي ادارن کان قرض وٺڻ خاطر اسلام آباد جو جڳ مشهور اسپورٽس ڪامپليڪس به گروي رکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هڪڙي دؤر اندر شاندار ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام ٿيندا هئا. سڄي دنيا ۾ اردو زبان جي ليکڪ ۽ دانشور انور مقصود جي واتان نڪتل گفتن جي واکاڻ ٿيندي هئي. ان کان سواءِ اتحادي سرڪار پاڪستان جا جيڪي ٻيا قيمتي اثاثا گروي رکيا آهن تن ۾ ڪراچي بندرگاهه جي اولھه ۽ اوڀر وارا ٻيئي پتڻ جن کي انگريزن ايسٽ وھارف ۽ ويسٽ وھارف ڊڪليئر ڪيو ھو. ان کان علاوه گوادر مڪران ھائي وي، اسلام آباد ايڪسپريس ھائي وي ۽ خدا ڄاڻي ته ٻيو ڇا ڇا قومي اثاثو ھنن گروي رکي ڇڏيو آهي! خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ته پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جا حڪمران جيڪڏهن ناجائز نموني ڪمايل پنھنجي دولت جو چوٿون حصو قربان ڪري، پرڏيهي قرضن مان جند ڇڏائڻ لاءِ اڳتي وڌن ته نه رڳو ايندڙ نسلن جي جند ڇٽي پوندي پر ھنن سياسي اڳواڻن جو اولاد به اھائي عزت ۽ احترام ماڻيندو جيڪا سوا سئو سال پراڻي انڊين ڪانگريس پارٽيءَ کي جي قيادت کي نسلن کان ملندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button