رانديون

پي سي بي جي 15 ارب واري بجيٽ منظور، رانديگرن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي 15 ارب رپين واري بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سينٽرل ڪانٽريڪٽ وارن ڪرڪيٽرن جو تعداد وڌائي 33 ڪيو ويو آهي ۽ ڪرڪيٽرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تھ پي سي بي هاڻ 20 بدران 33 رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏيندو. هن جو چوڻ هو تھ سينٽرل ڪانٽريڪٽ وارن رانديگرن جي پگهارن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي، انهن کي گهڻو ڪجهه ملندو. هن چيو تھ پهريون ڀيرو ريڊ ۽ وائيٽ بال متعارف ڪرايون پيا، ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي تعداد 20 مان وڌائي 33 ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تھ بجيٽ جو 78 سيڪڙو ڪرڪيٽ جي سرگرمين تي خرچ ڪيو ويندو. هن چيو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي بابت هڪ ڀيرو وري ميٿيو هيڊن جون خدمتون حاصل ڪنداسين. هن چيو تھ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ سان ڪمرشل ۾ اضافو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button