رانديون

عمران ڀائي رابطا ختم ڪري ڇڏيا، ڳالهه ناهي ٿيندي: رميز راجا

پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ عمران ڀائي رابطا ختم ڪري ڇڏيا، هاڻ اسان جي ڳالهه ناهي ٿيندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو تھ وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ واري قدم بعد ساڻس وڏي عرصي کان ناهي ڳالهايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تھ موجودا وزيراعظم اسان جو سرپرست اعلي آهي، سندس احترام ڪيان ٿو، مون ساڻس ملاقات جو وقت بھ گهريو آهي تھ جيئن ڪم بات ڳالهائي سگهون. هن چيو تھ وزيراعظم جي تبديل ٿيڻ سان پي سي بي چيئرمين بدلائڻ جي روايت آهي تھ ٺيڪ ناهي، هاڻ بال شهباز شريف جي ڪورٽ ۾ آهي، اسين ڪم ۾ تسلسل چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button