رانديون

پشاور زلمي اوورسيز ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پشاور زلمي اوورسيز ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن بابت ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل فرنچائيز جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ انضمام الحق، جيمز فوسٽر، هاشم آملا، محمد اڪرم ۽ وهاب رياض تي ٻڌل ڪوچنگ ٽيم انگلينڊ ۽ يورپ جو دورو ڪري رانديگرن جي چونڊ ڪندي. بيان موجب ڪوچنگ ٽيم پرڏيهه ۾ وڃي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ذريعي ڪرڪيٽر ڳوليندي ۽ اهو عمل پورو ڪرڻ بعد چونڊيل رانديگر چيمپيئن پشاور ٽورنامينٽ ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. هوڏانهن پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي تھ ٽيلنٽ هنٽ ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو ويندو، جنهن سان مثبت پيغام ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button