ماحولياتي ڀونچال:
گذريل ڪالم ۾ ٿر ۾ پاڻيءَ جي بحران تي مختصر ڳالھه ٿي، پاڻيءَ جي کوٽ يا پاڻيءَ جي وسيلن جي غلط استعمال جو سڌو سنئون تعلق ماحول سان آھي. موسمي تبديلين جي اثر ھيٺ ٻين خطن سان گڏ ٿرپارڪر پڻ آھي. گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان چوماسي واري برسات گهربل وقت مطابق نٿي پوي ۽ دير سان چوماسي واري برسات شروع ٿيڻ سان يا ھوائن جي رخ تبديل ٿيڻ سان برسات جو پيداوار سان تعلق ختم ٿي وڃي ٿو.
ٿر جي فصلن جي پيداوار لاءِ ٽي کان چار برساتن جي ضرورت ھوندي آھي ۽ ھر برسات جي وچ ۾ وقفو 3 کان چار ھفتا ضروري ھوندو آھي. برسات وڌيڪ پوڻ سان فصل ۽ گاهه وغيره کي نقصان ٿيندو آھي ۽ گهٽ پوڻ سان بھ سوڪھڙو شروع ٿي ويندو آھي. مئي مھيني جي آخر ۾ پوندڙ زوردار برسات کي آڳاٽي برسات يا ڀاڳ وارو سال تصور ڪيو ويندو آھي. ھتي زوردار برسات جو مقصد برسات سبب ريج گوڏي کان ھيٺ يعني 5 کان 10 فوٽن تائين واريءَ ۽ مٽي چڱي طرح پسي وڃي. وسڪاري جي موسم جي حوالي سان جون ۽ جولاءِ برسات وسڻ جا مھينا ھوندا آھن. 15 آگسٽ تائين جيڪڏهن برسات نھ وسي تھ نااميد ٿي ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر ڏڪار جو سرڪاري اعلان ڪندو آھي. اھا روايت انگريزن جي دور کان ھلندڙ آھي. سيپٽمبر ۽ آڪٽُوبر فصل لھڻ جا مھينا ھوندا آھن. ميلا ملاکڙا توڙي شاديون مراديون نومبر ۽ ڊسمبر مھيني ۾ منعقد ٿينديون آھن ڇو تھ کيسي ۾ ٻھ روپيا ھوندا تھ خوشيون نصيب ٿينديون.
غريب ماڻھو جي زندگيءَ جو گاڏو فطرت سان جڙيل ھوندو آھي، قدرتي وسيلن ۽ موسم جي وفا ڪرڻ سان ٻيڙا پار ٿيندا آھن، جڏھن کان قدرتي وسيلن تي ڌاڙا لڳا آھن ۽ موسم بي وفائي ڪئي آھي، تڏھن کان ٿرين جي معيشيت ڪمزو ر ٿي آھي، وڻن ٽڻن موڪلائڻ شروع ڪيو آھي، ڏٿ ختم ٿئي پئي، زمين پنھجي زرخيزي وڃائي ويٺي آھي ۽ ھارين مايوس ٿي محنت جي ھٿيار کي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي.
غريب ماڻھوءَ کي اھو ڄاڻ ناھي تھ موسمياتي تبديليءَ جا دراصل ذميوار ڪير آھن، ھو تھ پنھنجي ڀاڳ ۽ نصيب کي ذميوار قرار ڏئي، رب جي رضا سمجھي چپ ڪري ويھي رھيا آھن. گرين گئس اميشن جي تصور جي باري ۾ جن ماڻھن ۽ ادارن کي چڱي ريت ڄاڻ آھي، اھي تھ ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ شامل ٿي ويا آھن، انھن ماڻھن اُٺ ڪتابن جي پڙھيا بھ انھيءَ ڪري آھن تھ ھو غلط کي صحيح ثابت ڪري ڏين ۽ بدلي ۾ پنھنجو ملھه ٺيڪن ۽ نوڪرين جي صورت ۾ وٺن.
اڄ کان 25 سال اڳ ۾ اسلام ڪوٽ شھر ۾ سوئيزرلينڊ جي ھڪ اداري جي ماحولياتي ماھر اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تھ پنھنجن سيم کي مال جي کرن کان ڪجھه عرصي لاءِ بچايو يعني ڳوٺاڻا ٻڌي ڪري ھر سال ڳوٺ جي ھڪ طرف واري سيم کي سماجي ذميواري پوري ڪندي مال کي روڪين يعني رک ڪن. انھن جو نعرو ھو تھ فطرت کي ٻيھر سرجڻ جو موقعو ڏيو، ٿڪل زمين بھ زرخيز ٿي ويندي.
اسان اسلام ڪوٽ جي ڀر وارن ڳوٺن ۾ پنج سال پنھنجا وڻ ۽ سيمون بچائڻ جا ڀاشن ڏنا، زمين جي مٿئين سطح کي ھوا سان اڏامڻ کان بچائڻ جا طريقيڪار سمجهايا تھ جيئن زمين زرخيز ٿئي، فصل سٺا ٿين ۽ ماڻھن جي فصلن جي پيداوار وڌي ۽ مال مويشي ڏڪار کي مُنھن ڏئي سگهي.
اسان جي وھم گمان ۾ بھ نھ ھو تھ ھتان جا غريب ماڻھو دربدر ٿيندا، 900 چورس فوٽ زمين 14 بلاڪس ۾ ورهائجي ويندي، ڪمپنيون قدرتي وسيلن تي راتاھا ھڻنديون ۽ جر جو پاڻي ٻاھر ڪڍي ڊيم ٺاھيا ويندا ۽ ڪاربان پيدا ڪندڙ وڏيون چمنيون واريءَ جي دڙن تي سجايون وينديون. اڳ ۾ وڻن جون پاڙون واريءَ کي اڏامڻ کي بچائڻ لاءِ تيز ھوائڻ جو مقابلو ڪنديون ھيون، ھاڻي تھ واريءَ جا پھاڙ ھوائڻ جي رخ مطابق اڏامڻ لاءِ 24 ڪلاڪ تيار آھن. سوين سالن جا جھونا وڻ پاڙان ڪڍي نشان ئي ختم ڪري ڇڏيا آھن.
ٿر ڪول رٿا مطابق 9 پاور پلانٽس ٺاھڻا ھئا ۽ 3700 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪاٿو آھي جنھن مان ٿر ڪول بلاڪ 2 مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آھي. انھن بجلي گھرن جي ٺھڻ سان مرڪري ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڏي مقدار ۾ پيدا ٿيندي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ماحوليات کي خراب ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو ثابت ٿيندو. سينٽر فار ريسرچ آن انرجي اينڊ ڪلين ايئر جي رپورٽ مطابق انھن پلانٽس جي ڪري ھڪ لک ماڻھن جي صحت متاثر ٿيندي. ٻار ۽ عورتون وڌيڪ متاثر ٿيندا، جن کي ساهه ۾ تڪليف يعني دم جي بيماري، چمڙي جون بيماريون، دل ۽ شريانين جون بيماريون، شگر ۽ ٻيون انيڪ بيماريون جنم وٺنديون.
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان انٽرنيشنل ڪلائيميٽ امبيشن سمٽ 2020ع کي خطاب ڪندي اھو اعلان ڪيو ھو تھ پاڪستان ھاڻي ڪوئلي تي ھلندڙ نئون پاور پلانٽ نھ ٺاھيندو. ھن چيو ھو تھ پاڪستان ۾ ڪوئلي تي ھلندڙ ٻن پاور پلانٽس کي ھائيڊرواليڪٽريسٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم جي انھي بيان ۾ ڪا صداقت آھي ۽ نئين حڪومت بھ انھيءَ سوچ سان سلھاڙيل آھي تھ ڪجھه بھتري جي اميد آھي پر ملڪ ۾ بجليءَ جي کوٽ واري صورتحال مان لڳي ٿو تھ اھو اعلان صرف اعلان جي حد تائين ھوندو.
ٿر جي سونھن ڪارونجھر جبل جي ڪٽائيءَ جو ڪم پڻ شروع آھي، عوامي احتجاج تي سگهارين ڌرين جي اک بھ نٿي ٻڏي، اھو ھر صورت ۾ ڪاروبار ٿيڻو آھي ڇاڪاڻ تھ اسان جا پنھنجا نمائندا انھيءَ ڪڌي ڪاروبار ۾ سڌي يا اڻ سڌري ريت شامل آھن. احتجاج دوران اسان کي تسلي ڏيندا آھن پر اندروني طور سندن ساٿ ڪاروبار ماڻھن سان آھي. ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ سان صرف قومي اثاثي جو نقصان ناھي پر انھي جبل تي پلجندڙ سوين خاندان، جھنگلي جيوت، وڻ ٽڻ خطري ھيٺ اچي ويندا ۽ پورو ايڪو سسٽم متاثر ٿيندو.
مٿين مثالن ۽ حقيقي صورتحال مان لڳي ٿو تھ ھڪڙي پاسي ٿرپارڪر موسمي تبديلين جي اثر ھيٺ آھي ۽ ٻئي پاسي ميگا پراجيڪٽس جي منفي اثرن جي پڻ شديد لپيٽ ۾ آھي. ملڪي مفاد اسان سڀني کي عزيز آھن ۽ ڪنھن بھ پاڪستاني شھريءَ کي انھي عمل تي اعتراض ناھي پر اھو سمجهڻ پڻ ضروري آھي تھ فطرت کي ڇيڙن جي قيمت چڪائڻي پوندي. اھڙن منصوبن تي بحث روڪڻ جي بدران بحث ڇيڙيندر جي حوصلا افزائي ڪجي ۽ متوقع نقصان کي گهٽائڻ لاءِ ڪي قدم کڻجن. ھتي آئون ڪجھه تجويزون عرض رکان ٿو.
1- اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان جي روشنيءَ ۾ حڪومت پاڪستان کي ڪوئلي تي ھلندڙ پاور پلانٽس ۽ انھن جي مستقبل جي باري ۾ پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم جو بيان ھڪ ذميوار رياست جو بيان تصور ڪيو وڃي ۽ ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گهرن کي 2030ع تائين بند ڪري ھن ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ پنھنجي ماحول دوستيءَ جو ثبوت ڏنو وڃي.
2- ٿر ۾ ھڪ بجلي گهر ھلندڙ آھي ۽ ھڪ تياريءَ جي آخري مرحلي تي پھتل آھي، حڪومت پاڪستان کي اڳوڻي وزير اعظم جي بيان مطابق ڪو بھ نئون بجلي گهر نھ ٺاھڻ گهرجي.
3- حڪومت پاڪستان کي ٿر ڪول جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ ھوا جي معيار کي جاچڻ لاءِ جديد قسم جا اوزار لڳائي ھفتيوار رپورٽ جاري ڪرڻ گهرجي ۽ ڊبليو ايڇ او جي اسٽينڊرڊ مطابق ھوا جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ انھي ڏس ۾ ٻيا ڪي جوڳا انتظام ڪرڻ گهرجن.
4- سنڌ حڪومت کي ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ کي فوري طور روڪڻ لاءِ ڪي قدم کڻڻ گهرجن ۽ انھيءَ ڏس ۾ قانون سازي ڪري ڪارونجھر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي.
5- ٿر جي ڀٽن جي بناوت ۽ بيھڪ سولر انرجيءَ لاءِ انتھائي موزون آھي. انھيءَ سلسلي ۾ سي پيڪ جي مدد سان ٿر ۾ سولر اڪانامڪ زور ٺاھيو وڃي ۽ انٽرنيشنل سيڙپڪارن کي سھوليتون فراھم ڪري سولر پارڪ ٺاھيا وڃن.
(ھلندڙ)