ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گستاخ محبت – II

Editorial-Article-Kareem Channa

سورج شروع ۾ ڊڄڻو ۽ هيسيل ڪردار آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪامريڊ دودل سان جهيڙي کان پوءِ دلير بڻجي مزاحمت تي لهي اچي ٿو. سورج جي ڪردار ۾ ڊڄ کان دليري ۽ هيسيل هجڻ کان مزاحمت تي لهي اچڻ واري اوسر جا اڃا ڪي هاڪاري نتيجا نه ٿا نڪرن ته سورج موت جي ور چڙهي وڃي ٿو.
ڪردارن ۾ سڀ کان اهم ڳالھه اها به آهي ته ڪهاڻيءَ ۾ مڪمل مرد ڪردار آهن، ڪنهن به ڇوڪريءَ يا عورت جو ڪردار موجود ناهي. ڪجھه جاين تي ڇوڪرين جو ذڪر ته آيو آهي پر انهن کي ڪردار جي شڪل ۾ پيش ناهي ڪيو ويو. هم جنسيت جي موضوع ۾ ڇوڪرين جي ڪردار کي مڪمل نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. عورتن ۾ به هم جنسيت ٿئي ٿي جنهن کي lesbian سڏجي ٿو. ان ڪري ڪهاڻيءَ منجهھ اهڙا ڪردار به پيش ڪري سگهجن پيا. ان سان گڏ ڪئمپس ڪهاڻيءَ ۾ ڇوڪرين جي ڪردار کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ به کوڙ عجيب محسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن lesbian ڪردارن کي پيش ناهي ڪرڻو ته ڳوٺ ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي وغيره جهڙا ڪردار پيش ڪري پيار، سونهن، نزاڪت ۽ سار سنڀال لهڻ وارا ڪردار جوڙي سگهجن پيا. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ ۾ به دوست ڇوڪرين يا وري استاد عورتن جا ڪردار پيش ڪري کانئن ڪهاڻيءَ ۾ مدد وٺي سگهجي پئي. پر هتي ليکڪ جو عورتن جي ڪردارن کي مڪمل ختم ڪرڻ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته مٿانهنس خارجيت تمام گهڻي حاوي رهي آهي. ليکڪ ٻڌل ڳالهين تي هلندي ڪهاڻيءَ ۾ مرداڻي هم جنسيت واري لاڙي ۽ ان کي پيش ڪرڻ لاءِ بيان ۾ رس ۽ چس، جذبات ۽ تصنع استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن ته ليکڪ سندس ريسرچ ورڪ دوران (يا دوستن جي ٻڌل ڳالهين منجهان) هم جنس محبت جي قصن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار نه ٻڌا آهن ته هو ڪهاڻيءَ اندر به اهڙا ڪردار تخليق ڪري سگهڻ کان مڪمل قاصر رهيو آهي. انهن سببن جي ڪري ليکڪ کي عورت مخالف misogynist پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڪجھه ننڍا عورتاڻا ڪردار جوڙي ان نقص کان بچي سگهجي پيو.
محبت جو نفسياتي پاسو:
مٿي ناول ۾ پيش آيل دليلن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ان سان لاڳاپيل ڪجھه اهم نقطا پڻ آهن، جيڪي هتي بيان ڪرڻ ۾کوڙ مددگار ثابت ٿيندا. نفسياتدان سگمنڊ فرائڊ موجب محبت اصل ۾ جنسي خواهشون پوريون ڪرڻ جي اٽڪل/چال هوندي آهي ۽ ان جو مقصد جنسي لذتون ماڻڻ سان گڏ نسل جي بقا به هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کوڙ ماڻهو محبتن جي مضبوط ۽ گهرن رشتن باوجود ٻين ماڻهن سان به تعلق رکندي ملندا آهن. اهو ان ڪري جو جنسي لذتن جي مختلف قسمن (مختلف فردن) ۾ مختلف لذت لڪيل هوندي آهي. ان ڪري فرائڊ وٽ محبت جو تصور واحد ۽ هڪ محبوب جي چوڦير گردش ڪرڻ جي باوجود ڪيترن ئي فردن سان جنسي رابطن جي خواهش ۾ لڪيل آهي. ان حساب سان محبت جو واحد (هڪ محبوب) هجڻ وارو تصور پنهنجي قبر کي پاڻ کوٽي پاڻمرادو ئي دفن ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته فقط هڪ شخص سان محبت هجڻ جي دعويٰ به غيرفطري ۽ غير منطقي ثابت ٿئي ٿي.
فرائڊ جي انهن ڳالهين کي ڌيان سان ڏسبو ته هيٺيان اهم نقطا سامهون ايندا:
-1 محبت جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ ته جنسي عمل ڪرڻ ۽ ٻيو نسل وڌائڻ.
-2 محبت هڪ فرد تي مدار نه ٿي رکي. ان ۾ ٻيا فرد به داخل ٿي وڃن ٿا. پوءِ کڻي فقط جنسي عمل لاءِ ئي سهي. ان جو اهم سبب مختلف جنسي لذتون ماڻڻ وارو خيال ۽ مزا ماڻڻ هوندو آهي.
-3 محبت جو محور هڪ کان وڌيڪ فردن تائين هجڻ به فطري عمل سمجهڻ گهرجي.
هيءَ فرائڊ جا انساني نفسيات تي ڪيل تجربن ۽ مشاهدن وارا نتيجا ۽ خيال آهن. سندس انهن تجربن ۽ خيالن کي هن ناول جي ڪهاڻي، ڪردارن ۽ بيانن ۾ آيل دليلن سامهون رکي ڪهاڻيءَ جي بيان ۽ ڪردارن کي سمجهڻ ۾ کوڙ مدد ملي سگهي ٿي.

موقعو ۽ مهل:
ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار هم جنس محبت جي عڪاسي ڪندڙ ڪردار آهي. پر شروع ۾ هو هم جنسيت کان پري ڀڄندڙ ۽ مخالف جنس (ڇوڪري/عورت) سان نينهن نڀائڻ جي سوچ رکندڙ فرد آهي. جيئن هو صفحي 8 تي پير بخش کي هم جنسي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته “پيارا پير بخش! توهان صحيح آهيو، پنهنجي سوچ مطابق، پر منهنجي اها پيچ ڪونهي. دل جي ڳالهھ آهي، ته منهنجي دل ۾ هر وقت اها ڀاونا هوندي آهي، ته ڪا سندر ناري منهنجي بيچين روح کي سڪون ڏي.”
ساڳي ريت صفحي 13 تي هو ديپڪ کي به انڪار ڪندي چوي ٿو ته “هاهاها، يار! منهنجي اها پيچ ڪونهي. تو کي آئون نصيحت ڪندس ته ان جهان کان پري ٿي…..”
هتي اهو معلوم ٿئي ٿو ته سورج هم جنسيت وارو لاڙو نه رکندڙ نوجوان آهي. ان بدران هو مخالف جنس سان محبت ڪرڻ واري سوچ جو حامي نظر اچي ٿو. هتي ڏسجي ته سورج جو ڪردار اهڙن نوجوانن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي مناسب موقعو، جاءِ ۽ سهولت نه ملڻ سبب نارين سان محبت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين ۽ بعد ۾ هو جنسي خواهش جي تڪميل خاطر هم جنسيت ڏانهن مائل ٿي وڃن ٿا. سورج هندو هئڻ سبب به مخالف مذهب جي نارين کان محبت نه ملڻ جي مونجهاري ۾ رهي ٿو. جڏهن ته کيس هم عمر ڇوڪرن سان ملڻ، دوستي رکڻ، گهمڻ جي سهولت هوندي آهي ۽ هو انهن کي پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ڪچهريون ڪري ٿو، جنهن سبب هو هم جنسيت ڏانهن مائل ٿي وڃي ٿو، ۽ آزاديءَ سان ساڻن جنسي عمل ڪرڻ لڳي ٿو. هم جنسيت لاڙي طرف راغب ٿيڻ ۾ سندس وڌندڙ جنسي عمل واري خواهش پڻ مکيه سبب آهي. ڪچي عمر جي نوجوانن ۾ وڌيل جنسي خواهش کي سنڀالڻ ۽ روڪي رکڻ اهم مسئلو هوندو آهي. ان عمر ۾ هو مخالف جنس سان ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ کوڙ شرميلا هوندا آهن. جڏهن ته کين پنهنجي ڄمار وارن هم جنس دوستن سان اڪيلائيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستي رکڻ جي وڏي سهولت ميسر هوندي آهي. هم عمر هئڻ سبب دوستي رکڻ ۽ گڏ گهمڻ تي مٿانهن ڪا روڪ به ناهي هوندي. ان ريت وڌندڙ جنسي خواهش ۽ ذهني ناپختگيءَ جهڙا عنصر جڏهن ٻن نوجوان ڇوڪرن جي هيڪلائيءَ ۾ ملڻ وقت حاوي ٿين ته جنسي عمل کي روڪڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجي پوندو آهي. ان دوران هم عمر واري دوستي هجڻ سبب کين مڪمل تحفظ ۽ آزادي پڻ مليل هوندي آهي. سورج تي انهن سمورن عنصرن جا اثر واضح نظر اچن ٿا. جهانگير، پير بخش ۽ بعد ۾ ديپڪ جون هم جنس محبت ۽ جنسي عمل تي ڪيل مسلسل اثرائتيون ڳالهيون سورج کي نيٺ هم جنس جنسي عمل لاءِ راضي ڪري وجهن ٿيون. سورج جيڪو اڳ ئي جنسي خواهش پوري نه ٿيڻ سبب ويڳاڻپ ۽ بيزاريت محسوس ڪندي نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي ويل هوندو آهي اهو جنسي عمل آزادي سان ٿيڻ واري سهولت ملندي سڪون ماڻڻ شروع ڪندو آهي. ان ريت سورج جو ڪردار اڄ جي نوجوان جي جنسي عمل ۾ رڪاوٽ سبب سندس مزاج ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن، پريشانين، ويڳاڻپ ۽ بيزاريت جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ڪردار سماجي حقيقت به آهي ته ڄڻ سماجي براين جي عڪاسي پڻ ٿيل آهي. پر جيئن ته ليکڪ پاران ڪهاڻيءَ جي بيان جو اصل مقصد هم جنسيت کان نفرت نه ڪرڻ، ان کي خراب ۽ بداخلاقيءَ جي علامت نه سمجهڻ آهي، ان ڪري هو ڪنهن به هم جنس ڪردار کي خراب، يا بدڪردار نه ٿو قرار ڏئي، ويتر انهن کي باذوق، مهذب ۽ روشن خيال سڏي ٿو. جڏهن ته جيڪي به ڪردار هم جنسيت جي مخالفت ڪندڙ آهن، اهي غيرمهذب، بد ذوق ۽ تنگ ذهن قرار ڏنل آهن. هتي مکيه بحث اهو آهي ته جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ سورج جهڙي ڪردار کي مخالف جنس سان محبت ۽ جنسي عمل جي سهولت وارا موقعا ملن ها ته هو هم جنسيت جي ور نه چڙهي ها. جڏهن ته اڪثر نوجوانن جو مسئلو به اهو ئي رهندو آيو آهي. ان ريت ڪهاڻيءَ جي مختلف ڪردارن کي هم جنسيت جي ور چاڙهڻ ۾ حالتن، موقعي، جڳھه ۽ ماحول انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سورج جو ذڪر اچي چڪو آهي، جڏهن ته ديپڪ، روپ چند، رشيد جهڙا ڪردار به سببن ۽ علتن جي ڪري هم جنسيت جي ور چڙهيل آهن. اهي ڪردرا حقيقي زندگيءَ ۾ انهن فردن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي غربت، مجبوري، ۽ ڏاڍ جهڙن عنصرن هٿان هم جنسيت جي ور چڙهي وڃن ٿا. هي ڪردار هم جنسيت کي ڪنهن نظرئي يا فطري عمل طور قبول نه ٿا ڪن، ان بدران اهي هم جنسيت تي حالتن جي مجبوريءَ جهڙن سببن وچان نه چاهيندي به عمل ڪن ٿا. جڏهن ته اهڙن فردن ۾ اڳتي هلي عادي بڻجڻ وارو عنصر به شامل ٿي وڃي ٿو.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button