ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تشدد ڀريون مڪاني چونڊون

Editorial

ڪالهه سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو پورو ٿي ويو. پر اهو مرحلو ايترو پرامن نه رهيو. نه رڳو چونڊن دوران مختلف شهرن ۾ تشدد جا واقعا ٿيا پر ان سان گڏ 2 ڄڻا مارجي پڻ ويا آهن. ملڪ ۾ عام چونڊون هجن يا وري مڪاني چونڊون هجن، هر ڀيري بدامنيءَ جا واقعا ضرور ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري عوام توڙي اميدوارن کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهڙي ريت هن ڀيري به ائين نظر آيو. جڏهن ته چونڊن جي عمل کي پرامن بڻائڻ جي ذميواري سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي هئي. پر لڳي ائين رهيو هو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور غيرذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو. ان ڪري جتي ڪٿي تشدد جا واقعا ٿيندا رهيا، جن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ڪنهن به ريت اڳيان ڪانه آئي ۽ اها تماشو ڏسندي رهي. ڪالهوڪي آيل رپورٽن موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي دوران رتوڇاڻ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، پولنگ عملي ۽ اميدوار سميت 25 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن. ٽنڊو آدم ۾ فائرنگ دوران پي ٽي آءِ اميدوار ظفر گنڊاپور جو ڀاءُ قيصر خان گنڊاپور مارجي ويو، ظفر گنڊاپور زخمي ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. روهڙي ۾ به پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ ۾ عبدالقادر جاگيراڻي نالي همراهه مارجي ويو، 3 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته فائرنگ واقعي بعد اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي. ڪنڌڪوٽ جي ٽوڙي بنگلي ۽ سرفراز سندراڻي پولنگ اسٽيشنز تان پرزائيڊنگ آفيسر سميت 21 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن. ٺل مان پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ جي سامان سوڌو مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪريم بخش کوسو مان آزاد اميدوار ۽ پرزائيڊنگ آفيسر اغوا ٿي ويا آهن. تنگواڻي ۾ جي يو آءِ پاران جهيڙي بعد مخالفن تي پولنگ ايجنٽ سوڌو ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جا الزام هنيا ويا. هيءَ چونڊون وارڊ ۽ يوسي سطح جون چونڊون هيون، جن کي سنڌ حڪومت سرڪاري مشينري وسيلي پرامن ڪرائي پئي سگهي پر جن شهرن ۾ تشدد جا واقعا ٿيا آهن، انهن مان ائين ٿو لڳي ته سنڌ حڪومت ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو آهي. پرزائيڊنگ آفيسر کي پولنگ جي سامان سوڌو اغوا ڪرڻ جي واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت هاڻوڪي مڪاني چونڊن کي تڪراري بڻايو ويو آهي. ان کان سواءِ ڪٿي بيلٽ پيپر غلط ڇپيا ويا ته ڪٿي ماڻهن جا وارڊ ۾ ووٽ داخل ڪونه هئا ته ڪٿي وري تشدد وسيلي اميدوار کي زخمي ڪري اتي ماحول خراب ڪيو ويو ته جيئن ماڻهو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهن. هيءَ هڪ غيرجمهوري ۽ غيراخلاقي رويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان اسان جون سياسي پارٽيون اهو نياپو ڏئي رهيون آهن ته اهي پاڻ به جمهوري طريقي سان هٺئين سطح تي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. ان ماحول ۾ نه رڳو هاڻوڪين چونڊن تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن ته اهي چونڊون شڪي ٿي ويون آهن. ان ڪري ڪن ضلعن ۾ ته چونڊون ملتوي پڻ ڪيون ويون آهن، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جو چونڊن جي حوالي سان ڪو بهتر هوم ورڪ ڪونه ڪيل هو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ڪالهه رڳو جتي ڪٿي جهِيڙا جهٽا ٿيندا رهيا ۽ ماڻهو ووٽ ڏيڻ بدران رڳو هڪٻئي کي ماريندا رهيا. چونڊن ان صورت ۾ بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿيون، جڏهن اهي پرامن ماحول ۾ ٿين. پر هتي ته ڪالهوڪو ڏينهن مڪمل طور ڇڪتاڻ وارو رهيو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪالهوڪين چونڊن ۾ جن ماڻهن به تشدد جي واٽ ورتي آهي ۽ جتي جتي به تشدد جا واقعا ٿيا آهن، انهن ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان کان سواءِ سنڌ ۾ اڃا به چونڊن جو مرحلو رهيل آهي. ان کي پرامن بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ان پاسي ڌيان ڏئي. چونڊون جون جيڪي گهرجون آهن، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن پرامن ماحول ۾ چونڊون ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button