رانديون

پي سي بي منهنجي خلاف رپورٽ منظرعام تي آڻي: احمد شهزاد

پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد مطالبو ڪندي چيو آهي تھ پي سي بي منهنجي خلاف رپورٽ عوام جي سامهون ۽ منظرعام تي آڻي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ اڳوڻي ٽيم مينيجمينٽ جي جمع ڪرايل رپورٽ جي بنياد تي منهنجو ڪيريئر ختم ٿيو ۽ شهرت کي نقصان رسيو، تنهنڪري ٻڌايو وڃي تھ منهنجي هي غلطي آهي، مون کي بھ ٻڌو ۽ بعد ۾ ڀلي ڪهڙو بھ فيصلو ڏئي ڇڏيو. هن چيو تھ مان نٿو چاهيان تھ غلط انداز اختيار ڪيان، پي ايس ايل نھ کيڏائڻ جو سبب نھ ٻڌايو ويو، پر چوڻ چاهيان ٿو تھ ڪوئٽا گليڊيئٽرز منهنجو گهر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button