رانديون

پاڪستان ٽي-20 ورلڊڪپ کان اڳ لانچنگ پيڊ جو فائدو وٺڻ جو خواهشمند

لاهور: پاڪستان ٽي-20 ورلڊڪپ کان اڳ لانچنگ پيڊ جو ڀرپور فائدو وٺڻ چاهي ٿو. پاڪستان کي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آسٽريليا ۾ شروع ٿيندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ کان اڳ عالمي ميچن جي تياري جو موقعو ملي رهيو آهي، گرين شرٽس ڪولمبو ۾ کيڏي ويندڙ ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندا، ٽي-20 فارميٽ ٽورنامينٽ 27 آگسٽ کان شروع ٿيندو. جيڪو 11 سيپٽمبر تائين جاري رهندو، وطن واپسي کانپوءِ ٽيم انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ 7 شارٽ فارٽ ميچون کيڏندي، ان کانپوءِ 4 آڪٽوبر تي ڪرائسٽ چرچ رواني ٿيندي. نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي ميزباني جي تصديق پي سي بي چيئرمين رميز راجا صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي.

هاڻي ان جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي، ٽئي ٽيمون 8 کان 14 آڪٽوبر تائين هيگلي اوول ڪرائسٽ چرچ ۾ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪنديون. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اسان کي ميگا ايونٽ کان اڳ ٽي ملڪي سيريز ۾ شرڪت جو موقعو ملڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي. ان سان آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ ميگا ايونٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ملندي، عالمي نمبر ون بيٽسمين جو چوڻ هو ته ٽيمن سان مقابلي لاءِ منتظر آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button