بالي ووڊ جي اداڪارا سوارا ڀاسڪر کي بھ قتل جون ڌمڪين وارو خط ملي ويو آهي. ميڊيا مطابق سوارا ڀاسڪر کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪين وارو خط ممبئي واري گهر ۾ مليو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ خط ۾ سوارا ڀاسڪر کي قتل ڪرڻ سان گڏ گارگند پڻ لکيل آهي. جڏهن تھ سوارا ڀاسڪر مقامي ٿاڻي تي خط بابت شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي تھ سياستدان وير ساور جي بيعزتي برداشت نھ ڪبي. ياد رهي تھ وير ساور هندستان ۾ هندتوا جو بنياد رکندڙ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close