شوبز

عورت ٻار ڄڻڻ باوجود غيرمعمولي ڪم ڪري سگهي ٿي: زارا نور

پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس عاليا ڀٽ جي اميد سان ٿيڻ ۽ ان بابت مرداڻي سماج جي تبصرن تي ڏنل ردعمل بعد سندس حمايت ڪندي چيو آهي تھ عورت شادي ڪري سگهي ٿي، ٻار بھ ڄڻي سگهي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود غيرمعمولي ڪم ڪري سگهي ٿي. سوشل ميڊيا تي لکيل پوسٽ ۾ هن جو چوڻ هو تھ عورت بابت مخصوص سوچ پاڪستان سميت هر جڳهه تي آهي، وقت اچي ويو آهي تھ هاڻ اها بدلجڻ گهرجي. هن چيو تھ فيشن برانڊز منهنجي اميد سان هجڻ جي خبر پوندي ڪم ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، ڇوتھ معاشرو سمجهي ٿو تھ عورت جي اميد سان ٿي وڃڻ بعد اها ڪنهن ڪم جي ناهي. هن چيو تھ اسان کي پنهنجي ممتا ۽ هنر جو ثبوت پدشاهي سوچ کي ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button