رانديون

وائيٽ ۽ ريڊ بال بنيادن تي 33 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ ۽ ريڊ بال بنيادن تي 33 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ فارميٽ جي بنيادن تحت رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنو، جنهن تي عمل اڄ کان عمل ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق چيف سليڪٽر محمد وسيم جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تحت ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ ڪپتان بابراعظم، شاهين آفريدي، محمد رضوان، امام الحق ۽ حسن علي وائيٽ توڙي ريڊ بال ڪانٽريڪٽ مليو آهي. جڏهن تھ ريڊ بال ڪانٽريڪٽ ۾ 10 ڄڻا شامل آهن، جن ۾ اظهر علي اي ڪيٽيگري، فواد عالم بي ڪيٽيگري، عبدالله شفيق، نعمان علي، نسيم شاهه سي ڪيٽيگري، سرفراز احمد، شان مسعود، ياسر شاهه، عابد علي ڊي ۾ جڳهه ٺاهي آهي. 11 رانديگرن کي وائيٽ بال ۾ ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو، جن ۾ فخر زمان، شاداب خان اي ڪيٽيگري، حارث رئوف کي سي ڪيٽيگري ملي آهي. جڏهن تھ شاهنواز ڏاهاڻي، محمد نواز، زاهد محمود، خوشدل شاهه، ياسر شاهه ٻين بھ ڪانٽريڪٽ ماڻيو آهي. ايمرجنگ ۾ علي عثمان، ڪامران غلام ۽ ٻين جڳهه ٺاهي ورتي آهي. چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي تھ، ميچ فيس 10 سيڪڙو وڌائي آهي. جڏهن تھ نان پليئرس ميچ فيس ۾ 70 سيڪڙو وڌائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button