ڪوهستاني، ساحلي ۽ ڊيلٽائي پٽيءَ تي ٻڌل ٺٽو ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ڪُوهستاني پَٽي جي پَٿريلي زمين جي سيني ۾ قيمتي پٿرن سميت ڪاري سون جا خزانا لڪل آهن. جن کي ڳولڻ، کوٽڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سرمائيدار طبقو مقامي پورهيت کي استعمال ڪندو آهي. پيٽ گذر ڪاڻ پورهيو ڪندڙ پورهيت ٻچن جي ڳِڀي لاءِ سوين فوٽ اونهين کاڻين مان ڪوئلو گڏ ڪري ڌرتيءَ جي سطح تي آڻين ٿا، جتان کان هيءَ ڪوئلو ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ اماڻي چڱو ناڻو ڪمايو ويندو آهي پر اهو ناڻو سرمائيدارن ۽ کاڻين جي ٺيڪيدارن جي ٽجوڙين تائين محدود هوندو آهي.
الميو ته اهو آهي ته پنهنجو ساهه گروي رکي موت جي وادين ۾ ڪاربان جي مَڻ ميڙيندڙ مسڪين پورهيتن کي ڪروڙن جي ڪمائيءَ مان ڏهاڙي اجورو به مس ملندو آهي. سرمائيدارن جي عياشين لاءِ لڱ لوئيندڙ پورهيتن لاءِ عيد براد ته پري پر اگهائي سگهائيءَ ۾ به ڪا اضافي اجرت يا امداد ميسر ناهي هوندي.
ايستائين جو زندگي داءُ تي لڳائيندڙ پورهيتن جي حفاظت توڙي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيل آهن جنهن سبب ڪنهن به هنگامي حالتن ۾ پورهيت بنا امداد اجل جو شڪار ٿيو وڃن. ڄنگڙي کان ويندي جهمپير تائين ڪوئلي جون ڪيتريون ئي کاڻيون قائم ٿيل آهن. جن مان اڪثر کاڻين جي اونهائي 300 فوٽن کان به وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي، جن ۾ اچڻ وڃڻ توڙي گڏ ڪيل ڪوئلو آڻڻ لاءِ قديم ۽ روايتي طريقيڪار هجڻ سبب پورهيتن جون حياتيون هر وقت داءُ تي لڳل هونديون آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوئلي جي کاڻين ۾ صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار ڪاربن گئس جي وڏي مقدار هوندي آهي، جتي آڪسيجن جي گهٽتائي کوٽ به بيهوش ڪرڻ کان ويندي موت جو سبب بڻجندي آهي. انتظامن جي اڻهوند توڙي اڙانگي ڪم سبب ڪيترائي ئي پورهيت زخمي، معذور ٿيڻ سميت ڦڦڙن ۽ ساهه جي مستقل مرضن ۾ وٺجي ويا آهن.
جڏهن ته ڀڪ ڪرڻ توڙي ٻين حادثن ۾ ڪيترائي مزدور اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن پر حڪمرانن ضلعي انتظاميه توڙي انساني حقن جي تنظيمن جي منهن تي اڃان تائين سر به نه پئجي سگهيو آهي. گذريل ڏينهن به لڀ جي لالچ ۾ کاڻ مالڪ خطرناڪ موسم جي باوجود 20 جي لڳ ڀڳ مزودرن کي 370 فٽ اونھي کاڻ ۾ جبري طور کاڻ ۾ لاٿو ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن پورهيي ڪاڻ حياتيءَ جو رسڪ کنيو، جنهن دوران تيز طوفاني برساتن سبب جابلو علائقن مان وهي ايندڙ نئين جو هڪ ريلو تمام تيزيءَ سان کاڻ ۾ داخل ٿي ويو. جنهن ڪري کاڻ ۾ لٿل پورهيت کاڻ اندر ڦاسي ويا. هتان جي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته وڌنڌڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پورهيت کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن ته کاڻ مان ڪمائيندڙ ٺيڪيدار ۽ سرمائيدار هتان جي علائقي واسين کي رائلٽي ڏيڻ ته پري جي ڳالهھ آهي پر پورهيتن کي به ڪي سهولتون ڏيڻ لا. تيار ناهن. 17 سئو روپيا في ٽن جي حساب سان مزدوري ھوندي آهي، جنھن مان 12 سئو روپيا في ٽن جي حساب مزدوري ڏني وڃي ٿي جيڪا سراسر ناانصافي آھي. پورھيتن جي پگهر ۽ محنت سبب ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ ٺيڪيدار ڪجهه مقامي وڏيرن کي ڏهه آني ڇھه آني وٺندا پنھنجو جھان ھلائين ٿا. جنھن عيوض انھن ھي علائقا ڀيلاڙي ڇڏيا آھن.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته پورهيتن جو ايترو استحصال ڪيو وڃي ٿو جو سڄي عمر کين ڏهاڙي اجوري تي ئي پورهيو ڪرايو وڃي ٿو، نتيجي ۾ پورهيت عمر جي آخري حصي ۾ چمڙي ۽ ڦڦڙن جي مرضن ۾ تڙپي دم ڏين ٿا. جڏهن ته کاڻين ۾ حادثن جو شڪار ٿيندڙن پورهيت جي اولاد ۽ ڪٽنب کي به ڪجهه ھزار امداد ڏئي کين چِپ ڪرايو ويندو آھي. پورھيتن جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪنھن به قسم جي ڪا به سھولت نٿي ڏني وڃي، اسان جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن، سوين فٽ اونھين کاڻين ۾ رات به گذري ٿي وڃي، ماني پاڻي سڀ اتي ئي کائون ٿا پر ڪا گھڙي خطري کان خالي ناھي ھوندي. اسان جا معصوم ٻچا به اسان سان ڪم ڪن ٿا، اسان کي آڪسيجن سان گڏ لائيف جيڪٽ، حفاظتي ڪِٽون ڏئي صحت جون سھولتون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان جون زندگيون بچي سگھن.
سنڌ حڪومت، مائنز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ، ليبر ڊپارٽمنٽ توڙي انساني حقن جي تنظيمن کي ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيئي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ سندن ڪٽنبن جي ٿيندڙ استحصاليءَ خلاف قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.